جيڪڏهن توهان کان حڪومت نه پئي ٿئي ته سازش ڇو ڪيوَ؟ عمران خان

 

اپر دير (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان الزام هنيو آهي ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي گڏائي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ڪوشش  ڪري رهي آهي، شهباز شريف گهڻو گهٻرايل آهي، ان جي چهري تي خوف آهي، جيڪڏهن توهان کان حڪومت نه پئي ٿي ته سازش ڇو ڪيوَ؟

اپر دير ۾ جلسي سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسرائيل، آمريڪا ۽ ڀارت گڏجي سازش ڪئي ۽ انهن کي اسان تي مڙهيو، شهباز شريف کي ان ڪري آندو ويو ته جيڪو حڪم آقا ڪري اهو مڃي، هن پهريون حڪم آءِ ايم ايف کان ورتو ۽ ملڪ ۾ مهانگائي ڪئي، هن حڪومت پيٽرول 60 رپيا وڌائي ڇڏيو، جنهن ۾ ذري به انسانيت هوندي ته اهو ايڏي مهانگائي ڪڏهن نه ڪندو.

هن چيو ته اهي اليڪشن ڪميشن کي گڏائي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهي پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيا آهن ته جيئن ماڻهو گهران نه نڪرن، چاهيان ٿو نوجوان قوم لاءِ بيهن ۽ ڪڏهن غلامي قبول نه ڪن، جنهن نظريي تي ملڪ ٺهيو، ان تي واپس نه وينداسين ته قوم عظيم نه بڻجندي.

سندس چوڻ هو ته اڄڪلهه شهباز شريف ڏاڍو گهٻرايل آهي، سندس چهري تي عجيب خوف آهي، شهباز شريف چيو عمران خان سبب سڀ ڪجهه ٿيو ته عمران خان کي رهڻ ڏيو ها، شهباز شريف کان پڇان  ٿو ته جيڪڏهن توهان کان حڪومت نه پئي هلي ته سازش ڇو ڪيوَ؟ شهباز شريف چئي رهيو آهي ته ڏکيون حالتون آهن، هاڻ هيڏي هوڏي نه ڀڄو، ترڪي نه وڃو، معيشت سنڀاليو.

تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته شهباز شريف جي اچڻ سان ملڪ تيزي سان هيٺ وڃي رهيو آهي، پاڪستان جي معيشت تيزي سان ڪِري رهي آهي، ملڪ کي خطرو آهي، نيوٽرلز جو ڪم ملڪ جو بچاءُ ڪرڻ آهي ته اهي مداخلت روڪڻ جي ڪوشش ڪن ها، جيستائين ساهه آهي انهن سان مقابلو ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.