اسلام آباد: قيدين کي عدالت وٺي اچڻ بدران وڊيو لنڪ تي آڻيو خرچ بچايو !

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تيل اگهن ۾ واڌ کانپوءِ بچت لاءِ اسلام آباد جي هڪ عدالت حڪم نامو جاري ڪيو آهي.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اڊيالا جيل مان قيدين کي عدالت آڻڻ بدران وڊيو لنڪ ذريعي حاضري لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اسلام آباد اوڀر محمد عطا رباني جي ماتحت ججز کي حڪم نامو جاري ڪيو.

حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري ناڻو بچائڻ لاءِ سمورن جوڊيشل مئجسٽريٽس کي انڊر ٽرائل قيدين جي حاضري آن لائن وڊيو لنڪ يا اسڪائيپ ذريعي لڳائڻ جي هدايت ڪئي وڃي ٿي.

اهو حڪم انهن ملازمن لاءِ جاري ڪيو ويو جن جا چالان اڃان جمع ناهن ٿيا ۽ ڪنهن جوڳي ڪارروائي لاءِ سندن حاضري جسماني طور تي گهربل ناهي.

حڪم نامي ۾ چيو ويو ته کين ان مقصد لاءِ اڳ فراهم ڪيل انٽرنيٽ ۽ ليپ ٽاپس استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي ٿي.

حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جيئن ئي چالان يا رپورٽ جمع ٿي وڃي ته جوابدارن کي عدالت سامهون پيش ٿيڻ لاءِ طلب ڪري سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.