عمران خان جو تڪراري بيان ۽ پيٽرول جون وڌيل قيمتون

نثار لغاري

عمران خان نيٺ اها ڳالهه چئي ڇڏي جيڪا مختلف ٿنڪ ٽينڪدس ۽ تجزيي نگار ڪري رهيا هئا. عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي معاشي طرح ڪمزور ڪيو ويندو، پوءِ فوج کي تباهه ڪيو ويندو ۽ ملڪ جو نيوڪليئر پروگرام ڦريو ويندو ۽ پوءِ پاڪستان کي ٽن ٽڪرن ۾ تقسيم ڪيو ويندو هن هڪ انٽرويو ۾ اها ڳالهه چئي. هن اهو پڻ چيو ته پي ڊي ايم جي موجودا حڪومت انهيءَ ڪري آندي وئي آهي.

عمران خان جي انهيءَ بيان سموري ملڪ ۾ سياسي گرمي کي وڌيڪ شديد ڪري ڇڏيو آهي ملڪ جو هڪ اڳوڻو وزير اعظم اهڙا بيان ڏي ته اها لازمي طرح انٽرنيشنل خبر ٿيندي ۽ خود ملڪ جي محشت عدم استحڪام جو شڪار ٿي ويندي عمران خان جي انهي بيان پوري ملڪ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي هنن بيانن سان به ملڪ جو باقي بچيل استحڪام خطري ۾ پئجي ويندو.

هن ملڪ جي سياسي قيادت يا عوام کي هن خطري کان آگاهه ڪرڻ بدران ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي خوفزدا ڪرڻ ۽ ان جي نيوٽرل رهڻ جي مذمت ڪئي آهي. هي پهريون سياستدان آهي جيڪو هڪ غير جمهوري مطالبو ڪري رهيو آهي  ته ملڪي فوج جنهن بابت هو چوي ٿو ته سموري دنيا کي خبر آهي ته پاڪستان ۾ توهان ئي حڪومتون آڻيندا ۽ ڊاھيندا آهيو پنهنجو ڪردار ادا ڪريو مداخلت ڪريو.

عمران خان اهو سمجهڻ لاءِ  تيار نه آهي ته ڪنهن به ملڪ جي سياسي قيادت ۽ سندس  بصيرت هوندي آهي جيڪا کيس بحران مان ڪڍندي آهي هتي عمران خان جو خيال آهي ته جيڪڏهن اقتدار مون کي نٿوملي ته پوءِ ملڪ ڀلي ختم ٿي وڃي هو ڪنهن به انتها تي وڃڻ لاءِ  تيار آهي. هن جي اقتدار ختم ٿيڻ تي سندس فرسٽريشن عروج تي آهي.

اهي اطلاع آيا آهن ته حڪومت، عمران خان جي انهيءَ بيان نوٽيس ورتو آهي. آصف زرداري پي پي ڪارڪنن کي هن بيان خلااف احتجاجي مظاهرا گهٽي گهٽي ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ اهو پڻ چيو آهي ته پاڪستان قيامت تائين قائم رهندو وفاقي وزير آبپاشي سيد خورشيد شاهه به اهو بيان ڏنو آهي ته سعيد ۽  پروفيسر اسرار احمد جون اڳ ڪٿيون سچ ثابت ٿي رهيو آهن. عمران خان هي بيان ٻاهرين غير ملڪي قوتن جي اشاري تي ڏئي رهيو آهي. مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز شريف چيو آهي ته عمران خان اهو بيان مودي جهڙو ئي ڏنو آهي، نريندرمودي ۽ عمران خان جي بيانن ۾ هڪ جهڙائي آهي.

مسلم ليگ(ن) پيلپزپارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام ف يعني پي ڊي ايم پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي گڏيل حڪومت به آءِ ايم ايف جي چوڻ تي مهانگائي ڪري رهي آهي. پيٽرول، ڊيزل مهانگو ڪيو ويو آهي, پيٽرول 210 رپيا في ليٽر تي ويو آهي هڪ ئي ڌل ۾ 60 رپيا وڌايا ويا آهن. ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته پيٽرول 240 رپيا في ليٽر جي ريٽ تي ويندو. معاشي خسارو تمام گهڻو آهي ۽ مهانگائي ۾ تمام گهڻو وڌارو ايندو.

2  جون جي رات جڏهن تيل جي قيمت وڌائي 210 رپيا ڪئي وئي تڏهن ئي وڏو بحران پيدا ٿي ويو ۽ مهانگائي تمام گهڻي وڌي چڪي آھي جيڪا هاڻ عوام جي برداشت جوڳي نه رهي آهي برداشت کان وڌي چڪي آهي. ماڻهو هر هنڌ عمران خان جيان موجودا حڪومت کي به گهٽ وڌ چئي رهيا آهن ائين مهانگائي انتشار کي جنم ڏيندي، عوامي احتجاج ٿيڻ جا خطرا موجود آهن جيڪي بترين حالتن جي ڪري پرتشدد به ٿي سگهن ٿا ۽ هن حوالي سان ٿي سگهي ته امن امان جي صورتحال به پيدا ٿي وڃي ڇو ته هاڻ مهانگائي برداشت ڪرڻ ماڻهن جي وس ۾ ناهي رهي.

هن وقت اتحادي حڪومت جي اندر به خراب صورتحال جي ڪري اها ڳالهه بحث هيٺ آھي ته ڇا اسان جي هي حڪومت وٺڻ گهربي هئي حڪومتي ڌريون تيزي سان عوام ۾ غير مقبول ٿي رهيون آهن عوام جي ڪاوڙ جو رخ هنن جي طرف ٿي چڪو آهي.

حڪمران طبقي جا سياسي نمائندا ۽ هنن جا دانشور اهو چئي رهيا آھن ته پاڪستان جي معاشي صورتحال سريلنڪا کان به خراب ٿي سگهي ٿي.

موجوده منظرنامي ۾ حڪمران ڌرين وٽ ڪنهن به قسم جو ڪو اهڙو پلان نظر نٿو اچي جنهن ۾ هي موجوده معاشي بحران مان نڪري سگهن هي وري به آءِ ايم ايف عملدارن  وٽ وڃن ٿا جيڪي هنن کي انتهائي ڳرين شرطن تي قرض ڏئي رهيا آهن جنهن سان ملڪ جي بيمار معيشت  ويتر بيمار ٿي رهي آهي انهيءَ جو نتيجو مڪمل ڏيوالپڻي جي صورت ۾ نڪرندو.

هن وقت ملڪ ۾ بنيادي تبديليون آڻڻ جي ضرورت آھي. عوام ۽ قومن سان نئون سماجي معاهدو ڪري سمورا غيرضروري اشرافيا طبقي کي فائدو ڏيندڙ خرچ گهٽائڻا پوندا. سڪيورٽي اسٽيٽ مان عوامي فلاحي رياست طرف سفر ڪرڻو پوندو جيڪو نهايت مشڪل آھي خاص طرح موجودا سول ۽ غيرسول قوتن لاءِ  …

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.