پرڏيهي سيڙپڪار ڇو اچن!

نذير سومرو

ملڪ جي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ”ترڪ سيڙپڪار پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ۽ هتي اچي سيڙپڪاري ڪن“. اها ڳالهه ان ترڪيءَ  جي دوري دوران ڪئي جيڪا  عقل کان مٿاهين ڳالهه آهي. پوئين دور جون حڪومتون هجن يا هلندڙ دور جي حڪومت پنهنجي ذهني سطح مطابق هڪ جهڙيون ئي هجن ٿيون يعني پنهنجي اندر کي ڏسڻ کان سواءِ ڳالهه ڪرڻ هنن جو دستور رهندو پيو اچي، اهڙيون ڳالهيون سدائين عقل کن مٿاهيون هونديون آهن.

سئي پن تي بيٺل هلندڙ حڪومت جيڪا سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن مطابق ايڪٽيهه مئي تي ختم ٿي چڪي هئي (پوءِ انهن کي حڪم ڏيئي ته اڃان هڪ ٻئي سان وڙهي ڌار ٿيڻ جو وقت ناهي آيو (اهو اچڻ ۾ ٿوري دير آهي) هڪ ٿي رهڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ وري اهي سڀ هڪ صفحي تي موٽي آيا) ۽ ڪنهن به هڪ پارٽيءَ ، گروپ جي ”نه“ ڪرڻ سبب ڪڏهن به ڪري سگهي ٿي، ان جي وزيراعظم جي چوڻ تي دنيا سيڙپڪاري لاءِ  ڊوڙندي ايندي اها عقل کان مٿاهين ڳالهه ئي آهي. هڪ ڳالهه جو شڪر ڪجي ته اها سفارتي آداب جي خلاف آهي ته انهن ترڪ وزيرن يا واپارين اسان واري وزيراعظم صاحب کان اهو نه پڇيو ته ”اوهان گهڻا ڏينهن/ڪلاڪ آهيو“.

اها عقل کان مٿاهين ان ڪري به آهي ته جنهن ملڪ جا اصلوڪا رهواسي پنهنجي ملڪ منجهان ڦرلٽ ڪري ٻاهر پيا وڃن/ويندا رهن ٿا اتي ڪو ٻاهريون سيڙپڪار پنهنجي پونجي کڻي پهچي.

اها ڳالهه عقل کان مٿاهين ان ڪري به آهي ته پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ  اوهان پنهنجي ملڪ ۾ ڪهڙو ماحول جوڙيو آهي جو هو هتي سرمايو کڻي اچن. امن امان اوهان قائم ڪري ڪونه سگهو، ڪنهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضمانت اوهان ڪين ڏيئي سگهو امن امان جو حشر اهو آهي جو بڪتربند گاڏيءَ  ۾ ويٺل پوليس جو ايس ايڇ او ان جا سپاهي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿين، گاريون کائين موت کي پنهنجي اکئين ڏسن پر ڪجهه ڪري نه سگهن. حڪمرانن جي رٽ اها هجي جو هو اغوا انڊسٽري هلائيندڙ وڏيرن کي ايلاز منٿ ڪري اغوا ٿيل پوليس وارن کي واپس ورائين.

اها ڳالهه عقل کان مٿاهين ان ڪري به آهي ته دنيا جي گولي تي موجود ڪو هڪ ملڪ به اوهان جو دوست ڪين هجي. ڪنهن کي اوهان تي اعتبار ڪونه هجي. اوهان سفارتي ميدان تي روز هارائيندا رهو پوءِ دنيا جا جنت جهڙا ملڪ ڇڏي ڪو اوهان ڏانهن ڇو اچي.

اها ڳالهه عقل کان مٿاهين ان ڪري به آهي ته اوهان جو ملڪ آءِ ايم ايف جي قرض جي ڪوڙهه ۾ ورتل هجي، اوهان هٿ ادب جا ٻڌي ان جي سامهون بيٺا هجو ته مان به ان کي رحم پوي ٻه چار ڊالر ڏيئي وجهي ۽ ”ڪجهه ڏينهن“ نڪري وڃن، ان ماحول ۾ ڪو اوهان جو در خوشخبريءَ  لاءِ  ڇو کڙڪائي.

عوام کي نفسياتي مريض نه بڻايو

ٽين رات عوام مٿان هڪ ٻيو بم ڪيرايو ويو جيڪو ايٽم بم کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. هي بم انسان کي ساڙي هڪدم ماريندڙ ڪونهي. ان جي ابتڙ هي عوام کي نفسياتي مريض بڻائي چيچلائي ماريندڙ آهي يعني غالب چواڻيءَ  ”مجهي ڪيا برا ٿا مرنا جو ايڪ بار هوتا“ هڪ دفعي مرڻ کان چيچلائي مرڻ وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هجي ٿو. هي سڀ تڏهن وڌيڪ چيڙائيندڙ لڳي ٿو جڏهن پويون خزاني جو وزير چوي ته حڪومت (هلندڙ) پيٽرول ۽ ڊيزل جي هڪ هڪ لٽر تي پنجاهه کان وڌيڪ روپيا ڪمائي رهي آهي جڏهن ته هي صاحب پنهنجي دور ۾ چئي چڪو آهي ته پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت ٻه سو ستر روپيا هجڻ گهرجي يعني هن حڪومت پاران سٺ روپيا وڌائڻ کان پوءِ به سٺ روپيا گنجائش آهي.

ان ئي سلسلي جي هڪ ڳالهه اها ته پنهنجي دور جو ناڪام ترين پرڏيهي وزير رهندڙ پنهنجي حڪومت وڃڻ جي ڏهن ڏينهن کان پوءِ چوندو رهيو آهي ته عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي. هونئن ته هنن ٻنهي جو وزيراعظم صاحب جنهن کي عرف عام ۾ يوٽرن خان به چيو ويندو آهي، چوندو رهي ٿو ته ملڪي عوام مهانگائيءَ  جي چڪيءَ  ۾ پيسجي رهيو آهي جڏهن ته دنيا ڄاڻي ٿي ته سندس دور هن حساب سان ڪيترو ڀيانڪ هو. ڇا هي ايترا چريا آهن جو هنن کي اها خبر نه ٿي پوي ته هو ڇا پيا ڳالهائين. نه ڪڏهن به نه هي ايترا چريا ڪونه آهن عوام مٿان ظلم ڪرڻ ۾ هي هڪ ٻئي جا ساٿي آهن. هي ڄاڻيندڙ هوندا آهن ته هي سڀ ڇو پيو ٿئي ڪير پيو ڪري ۽ ڪرائي پر هنن کي ڪنڌ ۾ وڏائيءَ  جي جيڪا ڪِلي پيل آهي اها هنن جي دماغ کي ”ڀلو ٿي ڀلي لاءِ  سوچڻ“ کان روڪيندي رهي ٿي. هي انسانيت جي خاني مان نڪتل هوندا آهن جيڪا هنن جي ”ڪواليفڪيشن“ (گهربل تعليم) هوندي آهي جنهن جي بنياد تي هي ٻه چار ڏينهن جي حڪومت ”هٿ ڪرڻ“ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. ٻئي پاسي هي ڪرسيءَ  سان تمام گهڻو پيار ڪندڙ هوندا آهن جنهن جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته پوئين حڪومت جي ڪارنهن پنهنجي منهن تي هڻڻ هنن کي سمجهه ۾ ڪونه ايندي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.