ٽڪراءُ ۽ تباهي جو خطرو

رفيق پٽيل

پاڪستان جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال جي خرابي جي ذميوار اڳوڻي حڪومت آهي يا موجوده حڪومت ؟ ان سوال تي لاحاصل بحث اڻ ڄاڻايل مدي تائين ڪري سگهجي ٿو ۽ ان بابت الزام ۽ انهن جا جواب عوام جي مسئلن جو حل نه آهن،اصل مسئلو عوام جي خوشحالي ۽ عوام جي رواجي زندگي جي بهتري آهي، جنهن ۾ بهتر جي بجاءِ خرابي وڌي رهي آهي،جنهن ۾ سڀني کان اهم مسئلو مهانگائي آهي ، عام واهپي جي شين اٽي،دالين،ڀاڄين،گوشت جي قيمت عام ماڻهون جي پهچ کان ٻاهر ٿي وئي آهي،ماڻهن تي ٽرانسپورٽ جي وڌندڙ ڀاڙن ۽پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جو منفي اثر پيدا ٿي رهيو آهي،لوڊشيڊنگ ۽ مهانگي بجلي عوام جي لاءِ عذاب بڻي وئي آهي.هاڻي مجبوري ۾ جڏهن ماڻهون گهريلو بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪندا ته ان جا مارڪيٽ  تي منفي اثر پوندا،جڏهن خريداري گهٽ ٿيندي ته صنعتن جي فراهمي ۽ پيداوار کي به گهٽ ڪرڻو پوندو.ملازمن جي ڇانٽي به ٿيندي عام طور تي سڀني کان اڳ ۾ ماڻهون ٻاهر جي کاڌي ۾ بچت ڪندا آهن،مهانگي ريسٽورانٽ ۾ گراهڪ آهستي آهستي گهٽ ٿي ويندا.مطلب اهو ته سموري معيشيت تي ان جي منفي اثرن پوڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ ان ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي،هاڻي اها ذميداري موجوده حڪومت تي آهي ته اها ملڪ جي معيشيت کي مضبوط ڪري،عوام کي سهولتون ڏئي۽ ملڪ جي سياسي حالتن کي بهتر بڻائي، سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام جاري رهيو ته وڌيڪ نقصان جو سبب بڻجندو.

ڪنهن به ملڪ جي ترقي جو بنياد ان جي معاشي ۽ سياسي استحڪام آهي ۽ اهو انهيءَ صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن عوام خوشحال هجي ۽ ملڪي معاملن ۾ پنهنجي  شموليت سان عوام ملڪي قيادت تي اعتماد رکندو هجي. بدقسمتي سان پاڪستان جي موجوده بحران ۾ عوام مڪمل طور تي نه رڳو نظرانداز آهي بلڪه عام ماڻهون مهانگائي جي بار جي هيٺ دٻجندو پيو وڃي ۽ ملڪ ۾ غربت ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي ۽ ۾ قائم نئين حڪومت اڃان تائين اهڙا ڪي اپاءُ نه وٺي سگهي آهي جنهن سان  ان صورتحال مان ٻاهر نڪري سگهجي،جيڪڏهن ايندڙ ڏيڍ مهيني ۾ مالي بحران تي ضابطو نه ڪيو ويو  ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري سگهي ٿو،جنهن سست رفتاري سان هن مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،اها ان مسئلي جي شدت سان ڪنهن به طرح مطابقت نٿي رکي. ملڪي معيشيت جي بحران سان گڏوگڏ سياسي معاملا به مونجهاري ۽ پيچيدگين جو شڪار آهن،پنجاب ۾ عوامي سطح تي حڪومت کي توقع موجب پذيرائي نه ملي رهي آهي،مهانگائي جي ڪري عوام تيزي سان مسلم ليگ کان پري ٿي رهيو آهي،ان ڪيفيت جي ازالي جي لاءِ حڪومت وٽ ڪو به متبادل حل نه آهي.

هاڻي ان جا اثر سنڌ ۾ به ٿيندا ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف چونڊن جي مطالبي کي کڻي هڪ ٻي مارچ جي رٿ رٿي رهي آهي،جيڪڏهن ان کي طاقت سان چٿڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا منفي اثر نڪرندا گذريل لانگ مارچ جا منظر الڪٽرانڪ ميڊيا تي سڄي دنيا ۾ ڏٺا ويا ۽ اڃان به سوشل ميڊيا تي لڳاتار ڏيکاريا پيا وڃن،اهڙن منظرن سان ملڪ جي ساک تي هاڪاري اثر نٿا پون.اهو هڪ عام معاملو آهي ته تشدد سان وڌيڪ تشدد جنم وٺندو آهي،ان سموري راند ۾ آصف علي زرداري جي سياسي طاقت ۾ واڌارو ٿي ويو آهي،ان ۾ ڪجهه سندس صلاحيتن جو ڪمال آهي ته وري اچانڪ حالتون به هن جي حق ۾ ٿي ويون. ان جو سڀني کان اهم سبب مسلم ليگ ن جي عوامي سطح جي حمايت جي مسلسل ڪِرڻ ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي ملڪ ۾ غير موجودگي آهي، نوازشريف جي غيرموجودگي   سان مسلم ليگ ن ۾ به ورڇ وڌي رهي آهي خاص ڪري مريم نواز کي موجوده انتظام مان مايوس ٿي آهي.هو جلد کان جلد پنهنجي نااهلي ۽سزا جو خاتمو چاهي ٿي،ٻي خواهش اها آهي ته ڪنهن طرح سان نوازشريف جا ڪيس ختم ٿين ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم بڻجي وڃي يا مريم نواز خود وزيراعظم جي عهدي تي فائز ٿي وڃي، هن جي خواهش آهي ته مستقبل ۾ مسلم ن کي واضح اڪثريت هجي ته جيئن کين ڪنهن ٻي سياسي پارٽي جي بيساکين جي ضرورت نه رهي هوڏانهن مسلم ليگ ن جي قائد به عالمي لاڳاپن کي ڪتب آڻيندي،پنهنجي واپسي ۽ ملڪي سياست تي مڪمل گرفت آڻڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي جنهن ۾ کيس ڪاميابي ٿي سگهي ٿي هو پاڻ به موجوده انتظامن مان خوش نه آهي جو هن حڪومت ڍانچي ۾ کيس ٻاهر رکيو ويو آهي،هن جي لنڊن مان پاڪستان واپسي جو تڪڙو بندوبست ناهي ڪيو ويو ان سموري صورتحال ۾ ٻئي پاسي عمران خان جي پارٽي پنهنجي چونڊن واري مطالبي تان پوئٽي هٽڻ جي لاءِ تيار نه آهي ۽ هو پنهنجي احتجاجي مهم کي جاري رکن چاهي ٿو،عمران خان ۽ سندس ساٿين جي خلاف سموري ملڪ ۾ ڪيس قائم ڪري انهن جي چوڌاري هڪ ڄار اڻيو ويو آهي ته جيئن رياستي مشينري جي استعمال سان هن کي گرفتار ڪري وٺجي يا وري هن جي چر پر محدود ڪري ڇڏجي عمران خان تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته اهو قومي اسيمبلي مان استغيفيٰ جو فيصلو واپس وٺي، صوبي پختونخواه ۾ پي ٽي آءِ جي  حڪومت آهي،شهباز شريف جي وفاقي حڪومت جي لاءِ ان  حڪومت سان ٽڪراءُ واري ڪيفيت رکڻ خطرناڪ ٿيندو ۽ جيڪڏهن پختونخواهه جي حڪومت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته وڏو عوامي ردعمل سامهون اچي سگهي ٿو.

اهڙي موقعي تي جڏهن افغانستان ۾ مڪمل امن ۽ استحڪام نه آهي، حالتون ڪنهن به تباهي جو رخ اختياري ڪري سگهن ٿيون. پاڪستان جون سياسي جماعتون ۽ ملڪ  جا اصل ڌڻي سياسي بحران جي خاتمي جي رستي جي تلاش ڪندي نظر نٿا اچن،جنهن سان ملڪ جا سياسي معاملا خوش اسلوبي سان حل ٿين،مسلم ليگ ن ۽ يپپلزپارٽي جي ڪوشش اها آهي ته اهي ڪنهن به طرح قومي اسيمبلي ۾ عددي قوت ۾ اضافو ڪري حڪومت کي ڊيگهه ڏيڻ جا نتيجا جيڪڏهن حڪومت جي مرضي مطابق ٿي به وڃي ان صورت ۾ به حالتن جي بهتر ڪرڻ جي لاءِ معاشي معاملن کي بهتر ڪرڻو پوندو.حڪومت جي لاءِ تحريڪ انصاف کي سياسي عمل کان ٻاهر ڪرڻ هڪ انتهائي ڊگهو عمل هوندو ۽ عوامي سطح تي ان جو منفي ردعمل ٿيندو، پاڪستان کي ڪنهن وڏي سياسي بحران يا تباهي کان بچائڻ جي لاءَ اعليٰ سطحي ڪوششون محدود نظراچي رهيون آهن،۽ ڌريون پنهنجي مفادن کان مٿاهيون ٿي ڪري ڪنهن حل ڏانهن ويندي نظر نٿيون پيون اچن،خاص ڪري عوام جي مسئلن ڏانهن ڪنهن جو به ڌيان نه آهي،جيڪو جلد کان جلد مهانگائي مان نجات چاهي ٿو،عوام جي معاشي مشڪل گهٽ نه ٿي ته آئينده اهو به ڪنهن وڏي احتجاجي تحريڪ جو حصو بڻجي ويندو. ملڪ جي سياسي ۽ غيرساسي اشرافيه عوام کي درپيش مشڪل ۽ پريشاني کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده نه آهي،جيڪا وقت جي سڀني کان وڌيڪ ضرورت آهي،پاڪستان پنهنجي مخصوص جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري دنيا جي اهم قوتن ۽ خطي جي ملڪن جي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو.موجوده حڪومت جي اولهه ۽ آمريڪا سان ويجهڙائپ ۾ اضافو ٿيندو چين سان لاڳاپا محدود ٿي ويندا ۽روس سان دوري ٿي ويندي، في الحال عوامي دٻاءُ سان هندوستان ۽ اسرائيل سان فوري رابطو ڏکيو نظر اچي رهيو آهي.پر مالي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آئينده جي سازگار حالتن ۾ حڪومت پنهنجي پرڏيهي پاليسي تبديل ڪري سگهي ٿي اصل مسئلو پاڪستان جي عوام جي خوشحالي ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻو آهي انهي صورت ۾  پاڪستان ترقي ڪري سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.