جهانگير ترين خلاف گهوٻين جا ڪيئي ڪيس جاچ هيٺ آهن: ايف آءِ اي

اسلام آباد (م ڊ)  وفاقي جاچ ايجنسي ( ايف آءِ اي ) به سپريم ڪورٽ ۾ هاءِ پروفائيل ڪيسن بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ ڪيسز ۽ رڪارڊ جي محفوظ هئڻ بابت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. ايف آءِ اي جي  جواب ۾ چيو ويو  آهي ته وزيراعظم شهباز شريف، پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز تي مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ چالان جمع ٿي چڪو آهي، جڏهن اڃا به پڇاڳاڇا جاري آهي جڏهن ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز تي اڃا تائين فرد جرم لاڳو ناهي ٿيو،ايف آءِ اي طرفان هاءِ پروفائيل ڪيسز جي حوالي سان عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته جهانگير ترين خلاف شوگر ملز ۾ گهوٻين جا ڪيئي ڪيس جاچ هيٺ آهن، هڪ ڪيس ۾ 4.3 ارب، ٻئي ڪيس ۾ 2.2 ارب رپين جي گهوٻين جو الزام آهي. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين ۽ علي ترين ڄاڻايل ڪيسز ۾ جوابدار آهن، ايف آءِ اي جي جواب ۾ وڌي چيو  ويو آهي ته مني لانڊرنگ ڪي سم سليمان شهباز، ملڪ مقصود ۽ طاهر نقوي روپوش آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.