اسلام آباد (م ڊ) سرڪاري ملازمن جي ترقي ۽ مقرري کي آءِ ايس آءِ جي رپورٽ سان مشروط ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايس آءِ کي اسپيشل ويٽنگ ايجنسي جو درجو ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري ملازمن جي ترقي ۽ مقرري آءِ ايس آءِ جي رپورٽ سان مشروط هوندي. اسٽيبلشمنٽ ڊويزن وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ ايس آءِ سمورن سرڪاري آفيسرن جي اسڪرينگ ڪندي ۽ حڪومتي عهدي تي مقرري کان پهريان آءِ ايس آءِ اسڪريننگ رپورٽ ڏيندي. 03