پيٽرول اگهن ۾ واڌ، عوام ۾شديد ڪاوڙ، سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر(نمائندن وٽان) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ رڪارڊ واڌ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف عوام روڊن تي اچي ويو، سنڌ سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان سلسلي ۾ ڪراچي جي گلشن اقبال  واري علائقي ۾ ۾ سنڌ عوامي سٿ ڪراچي ڊويزن ۽ نيشنل ڊيمو ڪريٽ پارٽي اڳواڻن طرفان انڊس پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي عابد آرائين، ممتاز بروهي، محبوب رند ۽ ٻين خطاب ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن پاران مهانگائي، بجلي جي لوڊشيڊنگ، پاڻي کوٽ ۽ پئٽروليم جي قميتن ۾ واڌ خلاف لاهوري محلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي هنن هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا، بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي پورهيت اڳواڻن گل ڪورائي، بخت سولنگي، بشير احمد ديناري، جميل ڀٽي ،خادم چنا سميت ٻين خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ پيٽرول سميت ٻين روز مرہ جون شيون جي قيمتن ۾ گهٽتائي بجاءِ وڌائڻ جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا، سنڌ اندر غريب عوام مهانگائي سبب چڪي ۾ پيسجي رهي آهي بک بدحالي ڏينهن وڏينهن گهٽجڻ جو نالو ئي ناهي حڪمرانن رڳو ڪوڙا دلاسا ڏئي عوام کي بيوقوف بڻائي رهي آهي سنڌ اندر پاڻي جي کوٽ، بجلي جي لوڊشيڊنگ، پيٽرول جي قميتون گهٽائڻ لاءِ تيار ئي ناهن آخر غريب عوام ڪنهن کي دانهون ڏيندو اسين مجبور ٿي روڊن تي نڪري آيا آهيون هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري بجلي جي لوڊشيڊنگ، پاڻي کوٽ ختم ڪرائي ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.خيرپور ۾ ڌار ڌار احتجاج ڪيا ويا، اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن ميڊمه شائسته کوسو جي اڳواڻي مهانگائي خلاف قومي شاهراه ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ سوين عورتن،مردن، ٽرانسپورٽرن،پورهيتن،مزدورن احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي قيامت جهڙي گرمي ۾ نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ مسافر گاڏين مان لهي ڌرڻي ۾ شامل ٿي ويا، ان موقعي تي شائسته کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت صرف هڪ مهيني اندر 60 روپيه في ليٽر پئٽرول، ڊيزل۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ واڌ ڪري عوام جي وات مان گرهه کسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، خيرپور ۾ حڪومت طرفان پيٽرول جي قيمت وڌائڻ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف مختلف سياسي سماجي جماعتن جي ڪارڪنن طرفان ڇٽي چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ، ريلي ۾ پي ٽي آءِ، فنڪشنل مسلم ليگ، جسقم، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ ٻين جماعتن جي ڪارڪنن جي شرڪت ڪئي.شڪارپور ۾ پي ٽي آءِ طرفان ملڪ ۾ پيٽرول ۽  ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ خلاف پي ٽي آءِ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري فائق شاهه، عبدالغني جکرو، حفيظ سنجراڻي، آغا رفيع الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  بينر کڻي ميراڻي باغ کان ريلي ڪڍي  جماڻي هال چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي مهانگائي خلاف خلاف سخت نعري بازي ڪئي.شڪارپور ۾ سول سوسائٽي ۽ نوجوان شهرين راشد لاشاري، وقار حيدر، راجا جعفري، ڪامران، بابر سنجراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لکيدر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا شهر جي الله والا چوڪ کان ٿيندي جماڻي هال کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته ملڪ کي آ ايم ايف جي حڪم تي ھلايو پيو وڃي، هفتي بعد ٻيهر پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 30- 30 روپيا وڌائي ڊبل سنچري تي پهچايو ويو آهي جنهن سان عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، ڪرپٽ حڪمرانن ملڪ جي معيشت تباھ ڪري ڇڏي آهي. ميرپورخاص۾ پيٽرول جي اگھن ۾ واڌ مهانگائي خلاف سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڪارڪنن ۽ پي ٽي آءِ پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن واجد لغاري، مسعود عباس، منظور ميمڻ، ڪنول اعجاز، عبدالرزاق، عزيز لغاري ۽ ٻين چيو ته موجوده حالتن ۾ عام انسان پنهنجي ڪٽنب کي ٻن وقتن جي ماني کارائڻ جي قابل نه رهيو آهي مٿان کان بجلي جي ڳرن بلن ۽ دوائن جا خرچ عام انسان جي وس کان ٻاهر ٿي ويا آهن حڪمرانن عوام کي آپگھات ڪرڻ يا پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ غلط رستو اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي، مٺي ۾ مزدورن ڪشمير چوڪ مٺي تي لالا مهيش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف مظاهرو ڪيو، ڪلوئي ۾ مٺي ٿر ڪول روڊ بلوچ آباد وٽ علائقي واسين فقير عبدالقيوم راھو احسان احمداڻي علي بھادر لنڊ رياض درس ٻين ٿر ڪول روڊ بلوچ آباد وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڏيپلو ۾ بلاول بجير، فاروق مريداڻي، وڪيل قيمت راءِ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري اگهن ۾ ڪيل واڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ميرپور ماٿيلو۾ پ پ شھيد ڀٽو فاطمه ورڪنگ ڪاميٽي پاران وڌندڙ مھانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي پ پ شھيد ڀٽو ضلع گھوٽڪي جي اڳواڻ جلال بوزدار،  نثار بوزدار، سعيد بوزدار ۽ ٻين دانھيندي چيو ته ھڪ ھفتي اندر ٻه ڀيرا پيٽرول جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ڪيو ويو آهي، قمبر ۾ قمبر يوٿ فورم طرفان ملڪ ۾وڌندڙ مھانگائي خلاف جناح باغ قمبر کان احتجاجي ريلي ڪڍي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتا جتي اڳواڻن ڪامريڊ اياز ٻرڙو،سرائي عبداللطيف گوپانگ، مريد سنڌي،ساگر ڀٽو،نبيل سومرو،فياض ٽوٽائي،چيو ته وڌندڙ مھانگائي عوام جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي، باڊھه ۾ چنگچي رڪشا وارن ۽ شھرين رائيس ڪئنال جي پل وٽ رڪشا بيھاري ٽائر ساڙي احتجاجي مظاھرو ڪرڻ بعد نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھڻي شديد نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڪرم ڪلھوڙو، منور مغيري، دودو ديشي، نورالدين ساريو، آصف عباسي، فقير جلال ساريو، منور نوناري ۽ ٻين خطاب ڪيو. بھارو ۾ سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن مولا بخش ملاح، عبدالستار کھڙو، مصور على ملاح، وحيد آريجو،ٻين پاران ريلي ڪڍي پلي ڪارڊ ھٿن ۾ کڻي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، دڙي ۾ شيعا رابطا ڪائونسل طرفان وقاص مهدي، سيد جاويد شاھ، سومار سومرو ۽ شاهد شاهه جي اڳواڻي ۾ سيد احمد شاھ جي پڙ کان احتجاجي ريلي ڪڍي بس اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته سوزوڪي اسٽاپ تي رشيد آزاد سومرو جي اڳواڻي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.، گمبٽ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير جمالي،عبدالقيوم ابڙو، ڊاڪٽر نذير کوکر، ساجد علي مڱريو، علي ڏنو اڄڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو، جاتي ۾ شهري ايڪشن ڪميٽي سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ پورهيتن جو وفا حسين شاه، شڪيل سميجو، صديق شاه، اشرف ٿهيم، عارف ملاح جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري مهانگائي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.جھمپير ۾ عوامي تحريڪ پاران شاھ محمد چانگ، صدام چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جوهي ۾ به تيل جي اگھن ۾ واڌ ۽ وڌندڙ  مهانگائي خلاف شھري روڊن تي نڪري آيا، ڪامريڊ غلام قادر لغاري, مولوي غلام مصطفي لاشاري, خليل عارف سومرو, لطف کچي, ايوب لغاري, امين لغاري, عرفان رند,  مرتضي رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجي مُظاهرو ڪري جوهي نيشنل پريس ڪلب اڳيان ٽائرن کي باهيون ڏئي نٽھن اُس ۾  ڌرڻو هنيو ويو. خانپورمهر  ۾ حافظ نـصرﷲ گبول، ڪامريڊ دودو مھر، مھتاب ميراڻي، سورج ڪمار، سڪندر مھر، عامر سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي پنج گلي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. کپرو ۾ اڪبر مري , آزاد ڪنڀر ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شھيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.لعلورائنڪ ۾ روشن علي خاصخيلي، نجاوت مغيري، ديدار مغيري، نياز حسين وڪو، يونس مغيري، ۽ صفي الله شاھ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.ميان صاحب ۾ هارين ۽ آبادگارن خيربخش رند، سومر خان سومرو ۽ راجا شيخ، پريل شر، خيرل شر، هزارو شر ۽ ٻين احتجاج ڪيو، ميرپوربٺورو ۾ پي ٽي آئي ضلعي سجاول جي جنرل سيڪريٽري راجا شورو، تعلقي اڳواڻن خدا بخش زئور ۽ لطف زئور جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پاران صوفي شاھ عنايت پريس ڪلب ميرپور بٺورو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.راڌڻ واسين مھانگائي خلاف قميص لاھي حڪومت خلاف انوکو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو، سوشل ورڪر حاجي نظير بروھي ۽ شمن لاکير قميصون لاھي حسيني چوڪ راڌڻ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ته حاجي مراد لاشاري، علي گل چانڊيو ،تاج محمد سومرو ۽ ٻيا پڻ مرڪزي حڪومت خلاف ٿيندڙ احتجاج ۾ شامل ٿي ويا ۽ ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا.ٻي طرف رازا مزدور اتحاد جي اڳواڻن حيدر لاشاري بابر فقير محبوب نوناري سهيل چنو ميانداد ڀنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ شهر جي عام ماڻهن ۽ ٻارڙن شرڪت ڪئي.رتيديري ۾ چنگچي ڊرائيورن پاران پئٽرول مهانگو ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري رتوديرو  نئون ديرو باءِ پاس تي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي مظاهرين حڪمرانن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي، جڏهن ته احتجاج ڪندڙن پنهنجون چنگچيون روڊ جي ٻنهي پاسن کان بيهاري روڊ بند ڪري ٽائرن کي باهيون پڻ ڏنيون روڊ بند ٿي وڃڻ سبب مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ پڻ معطل ٿي وئي جنهن سبب مسافرن کي پڻ تڪليف سان منهن ڏيڻو پيو ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي چنگچي ڊرائيورن سرمد ڪورائي ، جبار عمراڻي ، صدام عمراڻي ، عابد ڀٽو ، لياقت لولائي ، حيدر سناڻي ۽ ٻين چيو ته هڪ هفتي ۾ حڪمرانن پئٽرول جون ٻه ڀيرا ڳاٽي ٽوڙ قيمتون وڌائي غريب ماڻهن سان ظلم ڪري ڇڏيو آهي. سرحد ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران ارشاد لکڻ، غلام حسين چنه، ممتازعارباڻي، نظيرشيخ، زاهدکوسو، فاروق لکڻ، فيض کوسو، غلام مصطفى لکڻ، فائق لکڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين بازار کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ پلي ڪارڊ ھٿن ۾ کڻي مهانگائي خلاف نعرا هنيا ويا.سيٺارجا ۾ سچل ٽريڊز, شهري اتحاد, نوجوان اتحاد ۽ سول سوسائيٽي جي رسول بخش, نواب خان لنڊ, رفيق لنڊ, اميدعلي سهتو, زاهد جاگيراڻي ,  نذير راڄپر , طالب حسين سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي۾  پريس ڪلب آڏو نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو  نعريبازي ڪئي وئي.شاهپورجهانيان ۾ سرمد علي ٻگهيو، غلام شبير چنا، نويد علي لغاري، ديدار احمد ٻگهيو، لياقت علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٺل ۾ به وفاقي حڪومت پاران پيٽروليم مصنوعات جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي خلاف شھري روڊن تي نڪري آيا،مختلف سياسي پارٽين پاران الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. مختلف سياسي پارٽين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري رهبر چوڪ تي رڪشا ۽ گاڏيون بيھاري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،مظاهرين حڪمرانن جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي عبدالرزاق لاشاري،جاويد ساغر،برڪت لاشاري،محمد بخش بروهي،لطف الله لاشاري،قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري روشن ڪنراڻي،وطن دوست مزدور فيڊريشن جي صوبائي خزانچي مزاري خان ڪنڊراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو.واهي پانڌي ۾ گورک چونڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي فيصل جمالي ، عنايت رستماڻي، نواز لغاري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ هفتي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن 60 رپين جي واڌ ناقابل برداشت آهي.وارھ  ۾ نياز حسين حيدري, عدنان ڪريم ڇٽو, فقير بشير احمد لطيفي جي اڳواڻي ۾ پڻ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته عوامي تحريڪ پاران ضلعي صدر عرفان منان، ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، جاويد چنه، ساگر مشتاق، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.