غداري ڪيس ڪري روڪڻ چاهين ٿا، فوج سان ٽڪراءُ ۾ نه اينداسين: عمران خان

بونير (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون تي غداري جو ڪيس ٺاهي رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جئين ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي پنهنجي ڪرپشن لڪائي سگهن. بونير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيوته زرداري ملڪ کي وڏي بيماري لڳل آهي، اهڙي نموني فضل الرحمان آهي جنهن کي سوچڻ گهرجي ته کيس الله ايتري ذلت ڇو ڏني، فضل الرحمان سدائين ذاتي مفادن واري سياست ڪئي آهي. عمران خان چيو نواز شريف پنهنجي واتان ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جو نالو ڪڏهن ناهي ورتو ڇو جو شريف خاندان جا ڀارت جي واپاري برداري سان لاڳاپا آهن، نواز شريف ڪڏهن نريندر مودي خلاف ناهي ڳالهايو، مودي پاڪستان جي آرمي چيف کي دهشتگرد ۽ وزيراعظم کي دوست چوندو آهي. هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت آڻڻ ۽ اسان جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ ڀارت، آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي سازش ڪئي، اسان جي ٽن سالن جي حڪومتي دور ۾ پيئٽرول 56 رپيا مهانگو ٿيو جڏهن ته هنن جي ٻن مهينن جي حڪومت ۾ پيٽرول 60 رپيا مهانگو ٿيو، اسان جي دور ۾ ڊيز 50 رپيا وڌي جڏهن ته هنن جي دور ۾ 60 رپيا مهانگي ٿي، اسان جي دور ۾ 20 ڪلو اٽو 326 رپيا وڌيو جڏهن ته امپورٽڊ حڪومت جي دور ۾ 10 ڪلو اٽو 422 رپيا مهانگو ٿيو. عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت ۾ اچڻ وقت موڊيز جي ملڪ لاءِ معاشي رينڪنگ ناڪاري هئي، جنهن کي اسان مستحڪم ڪيو جڏهن ته گذريل ٻن مهينن ۾ ڪلهه موڊيز اسان جي ملڪ جي ڪريڊيٽ ريٽنگ مستحڪم مان منفي ڪري ڇڏي آهي جنهنڪري قرض ملڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.غداري واري ڪيس تي سندس چوڻ هو ته مان سڀني کان پڇان ٿو ته زرداري ۽ نواز شريف هاڻي مون غداري جو ڪيس هلائيندا جن جو سڀ ڪجهه ٻاهر پيو آهي، اهو زرداري جيڪو حقاني ذريعي آمريڪا کي چوندو هو ته کيس فوج کان بچايو وڃي ۽ اهو نواز شريف جيڪو پاناما ڪيس ۾ پڪڙيو ويو اهو سزا يافته، روپوش، ڪوڙو ۽ ڀڳوڙو فيصلو ڪندو ته مان غدار آهيان؟ .تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته غداري جي ڪيس جو مقصد رڳو رستو صاف ڪرڻ آهي، هي ماڻهو مون تي غداري جو ڪيس ڪري رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيئن  انهن کي  پاڻ مٿان داخل ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي. عمران خان چيو ته نيوٽرل نيوٽرل هئڻ جو فيصلو ڪيو سٺي ڳالهه آهي، نيوٽرل رهڻ سٺي ڳالهه آهي پر ملڪي سلامتي گهڻي ضروري آهي. عمران خان سپريم ڪورٽ کي پيغام ڏيندي چيو ته اسان 126 ڏينهن پهريان ۾ به ڌرڻو هڻي چڪا آهيون جيڪو پرامن هو، اسان پنهنجي ملڪ جي سيڪيورٽي فورسز سان ڪڏهن ته ٽڪراءُ ۾ نه اينداسين، اسان جو جيئڻ مرڻ اتي ئي آهي، ججن کان اپيل آهي ته اوهان جيڪا ڪميٽي جوڙي آهي اها سڄي سرڪاري ڪميٽي آهي، احترام سان چوان ٿو ته ان ڪميٽي ۾ سول سوسائيٽي جو ماڻهو شامل ڪيو ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.