مهانگائي سبب ذخيرو ڪيل ڪوڪنگ آئل کي لڳل باهه پکڙي: انتظاميا

ڪراچي (رپورٽر) فيروز آباد جي اسسٽنٽ ڪمشنر سپر اسٽور ۾ لڳندڙ باهه جو سبب ٻڌائي ڇڏيو، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيروز آباد جي اسسٽنٽ ڪمشنر عاصمه بتول چيو ته باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي ۽ باهه جو اطلاع 10 لڳي 40 منٽن تي ڏنو ويو . هن ٻڌايو ته ڪوڪنگ آئل مهانگو ٿيڻ تي بيسمنٽ ۾ ذخيرو ڪيو ويو هو انڪري باهه ڪوڪنگ آئل سبب وڌيڪ پکڙي آهي. اڃا تائين مختلف حصن ۾ باهه لڳي پئي آهي پر ان جي شدت گهٽ آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر وڌيڪ چيو ته عمارت جي پارڪنگ ايريا تائين باهه پهچي وئي هئي جتي گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون موجود هيون جڏهن ته عمارت ۾ موجود ٽي موٽرسائيڪلون سڙي چڪيون آهن، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته گاڏيون ٻاهر ڪڍيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.