مهانگائي ڪري عوام کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آهي: امداد قاضي

حيدرآباد(رپورٽر) حڪومت طرفان پيٽرول ۽ بجلي جون قيمتون لڳاتار ۽ بي انتها وڌائڻ سبب روزمره ضرورت جون شيون ايتريون مهانگيون ٿي رهيون آهن، جو عوام جو زنده رهڻ مشڪل ٿي پيو آهي، پيٽرول ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ کي ڪميونسٽ پارٽي رد ڪري ٿي ۽ مطالبو ڪري ٿي ته هي فيصلو واپس ورتو وڃي، سرمائيداري نظام جو اهو دستور آهي ته ٽيڪس جو بوجھ عام عوام تي ۽ سبسڊي اشرافيه طبقي کي عوام ڀرپور احتجاج ڪري حڪمرانن کي مجبور ڪن ته وڌايل اگھن جو فيصلو واپس وٺن. اهي ڳالهيون ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي بيان ۾ ڪيو ته ڪميونسٽ پارٽي مطالبو ڪري ٿي ته سمورن فوجين، سول آفيسرن، ججن، صدر، وزيرن، پارليامينٽ ۾ ويٺل جاگيردارن ، وڏيرن ۽ سرمائيدارن کي مفت ۾ پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جا يونٽ ڏيڻ جو عمل فورن بند ڪري عوام کي پيٽرول، بجلي ۽ گيس جي قيمتن تي سبسڊي ڏني وڃي. خوراڪ پيدا ڪندڙ 25 ايڪڙ تائين جي مالڪ هارين کي ڀاڻ، زرعي مشينري تي سبسڊي ڏني وڃي ۽ ان جي پيدار تي انڊيا وانگر سپورٽنگ پرائس ڏني وڃي، 50 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين رکندڙ تي زرعي ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي، اهڙي طرح ملڪ ۾ خود انحصاري جو معاشي نظام قائم ڪري آئي ايم ايف جهڙي عالمي سامراجي اداري کان نجات حاصل ڪئي وڃي. ڪميونسٽ پارٽي عوام کي ياد ڏياري ٿي ته اوهان اشرافيه طبقي جي جمهوري حڪومتن ۾ سمورين پارٽين ۽ آمريتي دور ۾ جنرلن جي حڪومتن کي آزمائي ڇڏيو آهي، اهيگذريل 74 سالن کان نه ملڪ کي ترقي ڏيئي سگهيا نه عوام کي بنيادي سهولتون فراھم ڪري سگهيا آهن، مفت تعليم ۽ علاج جو حق به ڦري ورتو آهي. هي عالمي سامراجي ادارن خاص طور تي آءِ ايم ايف کان قرض وٺندا ۽ پنهنجي عياشين تي خرچ ڪندا رهيا آهن ۽ انهيءَ قرض جي ادائگي لاءِ عوام جو رت نپوڙين ٿا، مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت وڌندي پئي وڃي، اهي سڀ عالمي سامراج جا دلال آهن، تنهنڪري هاڻي پنهنجي اصل نمائندن ليفٽ جي قوتن جو ساٿ ڏين ته جيئن سامراجي ادارن جي انهن دلالن کان نجات حاصل ڪري ملڪ ۾ سماجي ترقي جو رستو ڪڍيو وڃي. انهي سسلي ۾ سڄي ملڪ، کاٻي ڌر جي قومي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ پارٽين جو اجلاس 18 جون بروز ڇنڇر صبح 11 وڳي نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ ڪميونسٽ پارٽي طرفان متحدہ محاذ جوڙڻ لاءِ سڏ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.