راڌڻ لڳ گم ڄاڻايل نوجوان قتل، ٻنيءَ مان گوليون لڳل لاش هٿ

راڌڻ( رپورٽ: ھريش ڪمار)راڌڻ ويجھو ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير محمد چانڊيو ۾ ٻنيءَ مان گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي جنهن جي سڃاڻپ ڳوٺ الله بخش جهتيال واسي 40 سالا رحيم بخش جهتيال طور ٿي آهي. ڳوٺاڻن لاش ڏسي حد جي پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن بعد ٿرڙي محبت پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي قتل ٿيل نوجوان ٽن ڏينهن کان لاپتا هو جنهن جو اڄ لاش پنهنجي ئي ڳوٺ ڀرسان ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير محمد چانڊيو مان هٿ آيو آهي جنهن کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي  اسپتال ميهڙ موڪليو .  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.