اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شيخ رشيد کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد )م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس کي شيخ رشيد کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله لانگ مارچ واري معاملي تي داخل ڪيسن بابت شيخ رشيد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ اڳوڻو گهرو وزير وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران عدالت سوال ڪيو ته شيخ رشيد اڃا تائين ڊي نوٽيفائي ته ناهي ٿيو؟ جنهن تي شيخ رشيد ٻڌايو ته هو اڃا تائين قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي، هن چيو ته اوهان جو سڄي پاڪستان ۾ حڪمنامو جاري ٿيو آهي ان باوجود هر روز نئون ڪيس داخل ٿئي ٿو، پوليس ڀيڻن جي گهرن تي چڙهايون ڪري رهي آهي.جنهن بعد عدالت گهرو سيڪريٽري کان شيخ رشيد خلاف ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا ۽ پوليس کي سندس گرفتاري کان روڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.