وڏو وزير اڄ ڪنري پھچندو. انتظاميا جون ڦڙتيون، روڊن جي مرمت!

ڪنري (رپورٽ: وسرام چند مڪواڻو) وڏو وزير اڄ ڪنري پھچندو. انتظاميا جون ڦڙتيون، ٽٽل روڊن جا کڏا ڀرجڻ لڳا، سرڪاري مشينري حرڪت ۾ اچي وئي. خبر موجب سنڌ جو وڏو وزير اڄ ڇنڇر ڏينھن تي 11 وڳي ڪنري ڀرسان نبي سر ٿر ۾ پھچندو. وڏو وزير سيد مراد علي شاھ نبي سر ٿر کان ٿر ڪول لاءِ وڇايل پاڻي واري اسڪيم جو افتتاح ڪري سنگ بنياد رکندو. وڏي وزير جي دوري جو اعلان ٿيندي ئي ضلعي انتظاميا جون ڦڙتيون لڳي ويون آھن، انتظاميا پاران نبي سر ٿر سميت مختلف ھنڌن تي ٽٽل ۽ کڏا پيل روڊن تي ريتي. بجري لڳائي کڏا ڀرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آھي وڏي وزير جي دوري تي شاميانو لڳايو ويو ۽ سرڪاري مشينري حرڪت ۾ آيل آھي. ضلعي انتظاميا ڄاڻايو آھي ته وڏي وزير پاران ٿيندڙ افتتاح واري اسڪيم پبلڪ پارٽنر شپ تحت تعمير ڪئي وئي آھي جنھن جو وڏو وزير افتتاح ڪندو. اطلاعات کاتي عمرڪوٽ پاران وڏي وزير جي عمرڪوٽ آمد وارو شيڊيول پڻ جاري ڪيو ويو آھي. ضلعي انتظاميا پاران ٿر ڪول کي پاڻي فراهم ڪرڻ واري لائين جي 18 ڪلو ميٽرن جي زمين جي تصديق ۽ نقشو تيار ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.