جاويد عالم اوڍي ڪراچي ايڊيشنل آءِ جي چارج سنڀالي ورتي

ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو کي ڪراچي پوليس آفيس ۾ آمد تي ڊي آءِ جي عمران يعقوب ۽ ٻين سينيئر پوليس آفيسرن خوش آمديد ڪيو ۽ کيس سلامي پيش ڪئي.  ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي پاران چارج ڇڏڻ کان پوءِ ڪراچي ايڊيشنل آءِ جي چارج سنڀالي ورتي آهي ۽ ٻنهي پوليس آفيسرن هڪ سادي تقريب ۾ ڪمانڊ اسٽڪ تبديل ڪئي وئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو ۽ ٻين پوليس آفيسرن اڳوڻي ڪراچي پوليس چيف کي پوري اعزاز سان ڪراچي پوليس آفيس مان رخصت ڪيو .

پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي هراسان ڪرڻ خلاف گهرو کاتي  ۽ آءِ جي سنڌ کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي حراسان ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي سنڌ جي گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ٻين کي 28 جون تائين نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جواب داخل ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي حراسان ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر سيف الرحمان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته 25 مئي تي ملين مارچ جي مظاهري دوران سولجر بازار ۽ فيروز آباد ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا، فيروز آباد ۾ اڳوڻي وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ۽ بلال غفار سميت 100 کان 120 جوابدارن جا نالا به شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.