لاڙڪاڻو سينٽرل جيل انتظاميا ۽ قيدين وچ ۾ چوٿين ڏينهن به ڇڪتاڻ

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي انتظاميا ۽ قيدين وچ ۾ چئن ڏينهن کان ڇڪتاڻ، قيدين جمعي جي نماز بعد جيل انتظاميه خلاف احتجاج ڪندي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪيل قيدين کي ٻيهر سينٽرل جيل آڻڻ جو مطالبو ڪيو، ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قيدين ۽ جيل انتظاميه وچ ۾ قيدين کي ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪرڻ واري معاملي تان ڪالهه چوٿين ڏينهن به ڇڪتاڻ جاري رهي جتي قيدين مبينا طور کاڌ خوراڪ، پاڻي ۽ بجلي بند ڪرڻ توڙي ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪيل قيدين جي واپسيءَ لاءِ منجهند جي وقت جمعي جي نماز جيل جي مسجد ۾ ادا ڪرڻ بعد جيل انتظاميه خلاف احتجاج پڻ ڪيو. ان موقعي تي مسجد جي پيش امام سميت قيدين پنهنجا ويڊيوز وائرل ڪندي دانهيو ته اسين شگر ۽ بلڊ پريشر سميت ٻين مرضن ۾ مبتلا آهيون پر چئن ڏينهن کان اسان جي کاڌ خوراڪ، پاڻي ۽ بجلي بند ڪئي وئي آهي، اسين به انسان آهيون پر اسان سان جانورن وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، صبح کان وٺي ماني نه ملي آهي، ماني لاءِ سڏ ڪري گيٽ بند ڪيو پيو وڃي جنهن ڪري ڪيترائي مريض قيدي سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن. هنن چيو ته چئن ڏينهن کان وٺي اسين سراپا احتجاج آهيون پر جيل انتظاميه اسان کي سهولتون فراهم نه پئي ڪري ۽ هر قيدي کان 20 کان 30 هزار روپيه ڀتو گهريو پيو وڃي. هنن چيو ته جيل سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ ظالم ۽ راشي آهي جيڪو قيدين سان چئن ڏينهن کان ظلم ڪري رهيو آهي، اڄ اسين جمعي جي نماز جي موقعي تي مسجد ۾ گڏ ٿيا آهيون ۽ ڌڻي در دعا گهري رهيا آهيون ته اسان سان ظلم نه ڪيو وڃي ۽ اسان قيدين سان به انسانن وارو سلوڪ ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته کاڌ خوراڪ، پاڻي ۽ بجلي فراهم ڪري ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪيل قيدين کي واپس جيل آندو وڃي. ان حوالي سان جيل سپرٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل مان قيدين کي ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪرڻ جو ٽيون مرحلو هلندڙ آهي ان دوران ڪجهه قيدي جيل انتظاميه کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن جن وٽ موبائيلون آهن ۽ اهي ويڊيوز رڪارڊ ڪري جيل جي ماحول کي خراب ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته قيدين کي جيل مينوئل موجب سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ انهن جي غيرقانوني مطالبن کي تسليم نه ڪيو ويندو، قيدين طرفان سندن جي کاڌ خوراڪ سميت جيل اندر پاڻي ۽ بجلي بند ڪرڻ توڙي ڀتو گهرڻ جي الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي اهڙن شرپسند قيدين خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي چار ڏينهن گذرڻ جي باوجود جيل انتظاميه ۽ قيدين وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ ڪنهن به سياسي سماجي تنظيم طرفان ڌرين سان ڪو به رابطو نه ڪيو ويو آهي جنهن ڪري گذريل چئن ڏينهن کان ڇڪتاڻ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.