اڏيرو ۾معصوم شاگردياڻي سان زيادتي، وڊيو وائرل ،جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف

اڏيرلال( ن ع آ) اڏيرولال اسٽيشن ۾ برياني جو دڪان هلائيندڙ محمد بخش عرف ننهو عباسي جنهن ٻه مهينا اڳ مڪراني پاڙي ۾ رهندڙ عبدالرشيد خشڪ جي معصوم نياڻي چوٿين ڪلاس جي شاگردياڻين 12 سالن شاگردياڻي کي ورغلائي وٺي وڃڻ بعد کيس ڪمري ۾ بند ڪري زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ معصوم نياڻي جي ويڊيو به ريڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته ٻارڙي کي وجهه ملڻ کان پوءِ واڙيل ڪمري مان نڪري ڀڄي وئي. ڪجهه ڏينهن بعد زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ محمد بخش عرف ننهو عباسي جنهن سوشل ميڊيا تي ٻارڙي جي ويڊيو وائرل ڪئي. ويڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ ايس ايڇ او اڏيرولال اسٽيشن شاهزمان چانڊيو جوابدار کي گرفتار ڪري کيس پڇا ڪئي، جنهن بعد جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اهڙي عمل کان پوءِ جوابدار خلاف زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش جا مٿس قلم هڻي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف متاثر نياڻي جي والد عبدالرشيد خشڪ ٻڌايو ته ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ اسان کي خبر پئي ته نياڻي سان ظلم ڪيو ويو آهي ، ٿاڻي تي اطلاع ڏنو. پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ مٿس ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي، کيس سخت سزا ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.