پ پ ڏيپلي ۾ اختلاف ، ضلعي صدر جو ڀاءُ قيادت خلاف ميدان ۾

مٺي (بيورو رپورٽ)  پ پ ٿر ۾ سخت اختلاف جهيڙي واري صورت اختيار ڪري ويا آهن،ڏيپلي تعلقي ۾ صورتحال بگڙي وئي  آهي،اُنهي سلسلي ۾ پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر گيانچند ٿاهراڻي جو وڏو ڀاءُ ۽ اڳوڻو ٽائون چيئرمين ڏيپلو موهن لال ميگهواڙ قيادت خلاف ميدان تي لهي پيو،اُنهي سلسلي ۾ موهن لال ميگهواڙ پاران قيادت کي لکيل خط سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو ويو آهي،جنهن ۾ ڏيپلي ٽائون جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پ پ ضلعي صدر جي وڏي ڀاءُ موهن لال ميگهواڙ چيو آهي ته پ پ ايم پي اي ارباب لطف الله جي ونگارين ڏيپلو ٽائون جي وارڊ نمبر 2 جي اميدوار شنڪر ڪولهي ۽ ميوو ڪولهي جي معرفت روپلو ڪولهي ۽ سندس ڀائرن تي حملو ڪري زخمي ڪري ونگارين جي اوطاق تي پهچي ويا،پوليس زخمين کي ليٽر ڏيئي روپلو ڪولهي کي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو،جنهن کي مون ٿاڻي تي پهچي مچلڪو ڏيئي آزاد ڪرايو ۽ ڌڪي جيالن کي حيدرآباد ريفر لاءِ ايم ايس کي گذارش ڪئي جيڪو شديد زخمي آهن،الله خير ڪري،هن چيو ته وارڊ نمبر 3 جي رهواسين ميگهواڙن کي به لاڳاپيل ونگارين جيهڙو ڪرائي عورتن توڙي پوڙهن کي زخمي ڪري ڪيس داخل ڪرايا،جيڪي ڪورٽن جا چڪر کائين پيا،پ پ چيئرمن بلاول ڀُٽو جي لانگ مارچ ۾ ويندڙ ورڪرن کي مختلف وارڊن مان چونڊي ايف آءِ آرون لارج ڪرايون ويون آهن.

  • مٺي ۾ جعلي اسٽامپ پيپر وارو مامرو، آزاد اميدوار درخواستڏئي ڇڏي

مٺي(رپورٽ: جي آر جوڻيجو )مٺي ۾ جعلي اسٽامپ پيپر وارو معاملو،وارڊ نمبر 13 جي آزاد اميدوار سيشن ڪورٽ ۾ درخواست ڏئي  ڇڏي،پ پ اميدوار جو فارم رد ڪرڻ جو مطالبو خبر موجب مٺي ۾ ڪجهه ڏينهن هڪ اسٽامپ وينڊر جي دڪان تان مختلف اميدوارن جي نالي اسٽامپ پيپر جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو جنهن تي وارڊ نمبر 13 جي اميدوارن پاران سخت احتجاج پڻ ڪيو ويو هو جنهن بعد اسٽامپ وينڊر پاران انڪشاف ڪيو ويو ته سندس وٽان اسٽامپ پيپر پيپلزپارٽي جي ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي جي پٽ ڪندن مالهي پاران مختلف اميدوارن جي نالي خريد ڪيا ويا آھن اهڙي عمل بعد اميدوارن پاران اهڙي شڪايت اليڪشن ڪميشن کي پڻ ڪئي وئي جنهن بعد وارڊ نمبر 13 جي اميدوار حاڪم ڪيولاڻي پاران سيشن ڪورٽ مٺي ۾ هڪ درخواست پڻ ڏني وئي آھي جنهن ۾ ھن ڄاڻايو آھي ته وارڊ نمبر 13 جو پيپلزپارٽي جو اميدوار روپڇند مالهي جيڪو ڪامريڊ نندلال جو ڀاءُ آھي اهو پنهنجي ڀائٽي ۽ ڀاءُ ذريعي اميدورن جي نالي ڪوڙا سٽامپ خريد ڪري جعلسازي جي ڪوشش ڪري پنهنجي چاچي کي جعلي طريقي کٽائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا اسان پهچي ناڪام بنائي اها حرڪت تي وارڊ نمبر 13 جي اميدوار روپچند مالهي جو فارم رد ڪيو وڃي جڏھن ته اهڙي درخواست اليڪشن ڪمشنر ۽ ڊي سي ٿرپارڪر کي پڻ اماڻي وئي آھي.

  • لاڙڪاڻي اڌڙوٽ همراهه جو لاش هٿ، انجنيئر طور سڃاڻپ

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي جي رائيس ڪئنال مان اڌڙوٽ همراهه جو لاش هٿ، چئن ڪلاڪن بعد لاش جي سڃاڻپ لاڙڪاڻي  واسي آبپاشي کاتي جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر طور ٿي وئي، مغز ۾ ڌڪ لڳڻ تي پوليس مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي، وارثن به انصاف جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه صبح جي وقت لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد رائيس ڪئنال مان اڌڙوٽ همراهه جو لاش لڙهندي ڏسي علائقي واسين بروقت پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي ٽوٻن جي ذريعي لاش رائيس ڪئنال مان ڪڍرائي ضروري ڪاروائي بعد ايڌهي رضاڪارن حوالي ڪري ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي اهڙا ويڊيوز ۽ پوسٽون شيئر ٿيڻ بعد هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ شهر جي شيوا منڊلي واسي آبپاشي کاتي جي ملازم پرويز حسين ولد امداد حسين سولنگي طور ٿي آهي جنهن کان پوءِ پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. واقعي بابت رحمت پور ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته رائيس ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ آبپاشي کاتي جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر پرويز حسين سولنگي طور ٿي آھي جيڪو شھر جي شيوا منڊلي جو رهواسي آھي جنهن جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو پيو وڃي، ان موقعي تي پٽ ايڊووڪيٽ جهانزيب سولنگي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي بابا جي ڊيوٽي خيرپور ۾ هئي جيڪو صبح جي وقت ڊيوٽي تي ويو هو، لاش هٿ اچڻ بعد بابا جو سروس بڪ، اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ چيڪ به گم آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به شمني ناهي بابا تي تشدد ٿيل آهي.

  •  حيدر  آباد ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج، تحفظ جي گهر

حيدرآباد(رپورٽر) صادق آباد جي رهواسڻ صبا ۽ ڪشمور جو رهواسي غفار مزاري حيدرآباد پريس ڪلب سامهون تحفظ لاءِ پهتا. صبا ٻڌايو ته هڪ مهينو اڳ هن ڪشمور جي رهواسي غفار مزاري سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي، جڏهن ته سندس مائٽن هن جي اغوا جو ڪوڙو ڪيس ساهرن خلاف صادق آباد صدر ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي، پنجاب پوليس چڙهائي ڪري سندس ڏير اربيلو مزاري کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي، جيڪو اڃا تائين صادق آباد پوليس جي حراست هيٺ آهي. هن چيو ته پوليس ۽ مائٽن مان جان جو خطرو آهي، ان ڪري اسان دربدريءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي گرفتار ٿيل ڏير کي پنجاب پوليس جي قيد مان آزاد ڪرائي کيس مڙس سميت تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.17

  •  حيدر آباد ۾ دادو پوليس جي مبينا ظلم خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ميهڙ جي ڳوٺ وارياسو جي رهواسي محمد جمن چانڊيو پنهنجي پيرسن امڙ  حاجياڻي سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته دادو پوليس سندس خلاف رڻ ٻاري ڇڏيو آهي. ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رشوت عيوض ختم ڪرڻ پوليس جو معمول بڻيل آهي. هن چيو ته هو قسم ساک تي چوي ٿو ته هن جو ڪنهن به قسم جي ڏوهي سرگرمين سان واسطو نه رهيو آهي، کيس بيگناهه ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي. هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کي اپيل ڪئي ته پوليس ناانصافي جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.