ماٿيلي پوليس عورت اغوا ڪندڙ جوابدار ڇڏي ڏنو، عورتن جو احتجاج

ميرپورماٿيلو (ن ع آ) ميرپورماٿيلي جي ڳوٺ غلام حسين لغاري جي رھواسڻ عورتون مائي سوني زال محمد بخش چانڊيو ۽ سندس ڌيءَ مائي ميرزادي زال بابر علي چانڊيو گذريل ڏينھن ميرپورماٿيلي پريس ڪلب پھچي  احتجاج ڪندي دانھيو ته جوابدار ميرحسن لغاري ۽ صادق لغاري ميرپورماٿيلو وچ شھر ۾ مائي ميرزادي چانڊيو کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. رڙين تي شھرين ھڪ جوابدار ميرحسن کي پڪڙي ميرپورماٿيلو پوليس جي حوالي ڪيو آھي، ميرپورماٿيلو پوليس ڄاڻايل گرفتار جوابدار کي رشوت عيوض آزاد ڪرڻ گھري ٿي.ھنن چيو ته ڄاڻايل جوابدار ميرحسن لغاري اڳ سندس ڌيءَ امير زادي کي اغوا ڪري زبردستي نڪاح وڌو آھي ۽ سندن پاران ٻي ڌيءَ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش زيادتي آھي.ھنن وسوارن کان جوابدارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو.رابطو ڪرڻ تي ميرپورماٿيلو پوليس عوامي آواز کي ٻڌايو ته ڄاڻايل عورتون ڪارو ڪارو ڪري ميرحسن لغاري کي مارڪٽ ڪن پيون. جنھن کي بچائي ٿاڻي تي وٺي آيا آھيون. اغوا جو ڪو مسئلو ناھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.