ڪوهستان ۾ چور ڄاڻائي ماريل ڳوٺاڻي جي خون بها 15 لک مقرر

جنگشاھي (ن ع آ) ڪوھستان ۾ ڪجھه مهينا اڳ ونڊ پراجيڪٽ ڪمپني جي سڪيورٽي عملي جي فائرنگ ۾ چور ڄاڻائي ماريل   گيلو پالاري جي قتل جو جرڳو حاجي رمضان پالاري ۽ بادل پالاري جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، جنھن ۾ الزام هيٺ آيل ڌر طرفان حاجي غلام مصطفيٰ جاکرو، حاجي حسن جاکرو، حاجي جيئند جاکرو شرڪت ڪئي. ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد  ونڊ پاور ڪمپني تي مقرر جاکرا برادري جي سڪيورٽي گارڊن تي خون ثابت ٿيو، ۽ مٿن 15 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو،ڏنڊ جي رقم ٻن قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي فتويٰ ٻڌائي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.