مهيڙ ٿاڻي ۾ باهه، 5 گاڏيون سڙي رک، عمارتن کي به نقصان

ميهڙ (س ر ) ميهڙ جي ٻن ٿاڻن اي ۽بي سيڪشن تي ڪيس ۾ ڏيکاريل پراپرٽي طور ٿاڻي جي احاطي ۾ بيٺل گاڏين کي مبينه طور بجلي جي ٽرانسفارمر مان اچانڪ شعلا اٿڻ سبب باه لڳي وئي ۔ جنهن سبب ٿاڻي اندر بيٺل 5 کان وڌيڪ گاڏيون سڙي ويون ۔ جڏهن ته باه جي شعلن سبب ڀر وارين عمارتن کي نقصان پهچڻ جي انديشي سبب ٿاڻي سان گڏ عمارتون خالي ڪرايون ويون ۔ جڏهن ته باه کان پو۽ فائر برگيڊ طلب ڪئي وئي ۔ جڏهن ته باه واقعي بعد ڪيترائي ماڻھو گڏ ٿي ويا ۔ باه وسائڻ جون ڪوششون جاري رکيون بعد ۾ فائر برگيڊ پهچڻ تي باه تي ضابطو آندو ويو ۔ رابطي تي ايس ايڇ او اي سيڪشن اصغر عالماڻي ٻڌايو ته ٽرانسفارمر من باه جا شعلا اٿلڻ سبب گاڏين کي باه لڳي وئي آھي ۔ رپورٽ اعلي ختيارين ڏانهن موڪلي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.