نوابشاهه ۾وڌندڙ بدامني خلاف جسقم جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه(ڊ ر) نوابشاه شھر ۾ وڌندڙ بدامنيءَ ۽ چوري جي وارداتن ۾ اضافي خلاف جسقم تعلقي نواب شاهه پاران طارق  سمون، علي شاهه، فرمان ملاح، منير ابڙو، بابو سنڌي ۽ ٻين اڳواڻي ۾نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته نواب شاهه شھر ۾ بدامنيءَ چوٽ چڙهي وئي آھي جڏھن ته ڏينھن ڏٺي جو چوري جون وارڌاتون وڌي ويون آھن جڏھن ته نواب شاهه پوليس انھن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، جڏهن ته شھرين جون موٽر سائيڪلون ھر روز چوري ٿي وڃن ٿيون ليڪن پوليس چورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ھنن چيو ته گذريل ڏينهن جسقم جي ڪارڪن علي شاهه دوڪان جي ٻاهران نامعلوم چوري ڪاھي ويا جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن مطالبو ڪيو ته شھرين جو امن امان بحال ڪرائي شھرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.