لاڙڪاڻي ۾ هٿرادو ڊگهي لوڊشيدنگ خلاف ايم پي اي جي اڳواڻي ۾ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ  ۽ شهر جي فيڊر بدران ٻهراڙي واري فيڊر مان بجلي جي فراهمي خلاف نيو مراد واهڻ ۽ علي گوهر آباد پاڙي جي رهواسين سيپڪو ايمپائر سب ڊويزن آفيس اڳيان نٽهڻ اُس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن ۾ جي ڊي اي جي ايم پي اي معظم علي عباسي پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي معظم علي عباسي چيو ته هن وقت پوري لاڙڪاڻي شهر ۾ بجلي جو بحران آهي، بجلي نه هئڻ جي ڪري 50 سينٽي گريڊ واري گرميءَ ۾ خاص طور تي نيو مراد واهڻ ۽ علي گوهر آباد جي رهواسين جي زندگي عذاب بڻيل آهي جن کي پنج منٽ به بجلي نه ٿي ملي. هن چيو ته جنهن گرڊ اسٽيشن جو افتتاح ڪيو ويو هو اهو اڳوڻي وفاقي حڪومت جي مهرباني آهي جنهن سان بجلي جا ڪافي مسئلا حل ٿيندا. هن چيو ته هن وقت نه صرف سيپڪو پر ٻيا ادارا به وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي ماتحت آهن ٻه مهينا اڳ جيڪي پارٽيون ڪوڙا احتجاج ڪري عوام سان گڏ ويهن پيون اڄ لوڊشيڊنگ جي مسئلي تي اهي پارٽيون ظاهر ناهن. هوڏانهن رهواسين عبدالحفيظ سامٽيو، عبدالسميع هليو، سهيل احمد ميراڻي، شاهد حسين گاد ۽ ظفر کهاوڙ سميت ٻين دانهيندي لڳائيندي چيو ته ايس ڊي او ايمپائر سيف الله سومرو اسان جي مراد واهڻ محلي، بهار پور، علي گوهر آباد، سميع آباد سميت ٻين محلن جي بجلي  ڪجهه عرصو اڳ جي ڊي اي اڳواڻ معظم علي خان عباسي جي ڪوششون سان ٻهراڙي فيڊر مان هٽائي شهر جي فيڊر مان بجلي فراهمي ڪرائي ڏني هئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.