ڪنب لڳ ٽن ٻارن جي ماءُ جو پکي ۾ لٽڪيل لاش هٿ، قتل جاچوٻول

ڪنب (ن ع آ) ڪنب لڳ علي بحر واه ويجهو حيدري  محلا ۾ 35 سالا شادي شده ٽن ٻارن جي ماء مسمات فريده زال انور سولنگي جو پکي ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو آھي عورت جو پکي ۾ ٽنگيل لاش جو اطلاع ڪنب پوليس کي ڏنو ويو اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي روانو  ڪيو ۔ٻي طرف علائقي ۾ اهي به چوٻول آھن ته عورت کي سندس مڙس انور سولنگي عورت پاران سم ڪڍرائڻ جي مامري تان کيس گهٽا ڏئي قتل ڪيو آھي۔ڪنب پوليس عورت جي مڙس انور سولنگي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي۔ٻي طرف عورت جي معصوم پٽ رمضان روئندي ٻڌايو ته امان کي بابا رسن ۽ تار سان گهٽا ڏئي ماريو آھي۔ڪنب پوليس ضروري ڪاروائي بعد لاش عورت جي سهري منظور  حوالي ڪري ڇڏيو ۔ڪنب پوليس رابطي تي ٻڌايو ته عورت جي مڙس کي حراست ۾ ورتو آھي جنهن کان جاچ ڪيون پيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.