خيرپور ڀرسان فصل جي ڀيل تان عورت زخمي، نازڪ حالت

خيرپور( ڊ ر )خيرپور ڀرسان ڳوٺ مٺڙي اڄڻ ۾ بااثرن مال  جي ڀيل تان حملو ڪري هڪ عورت مسمات رضيه زال امام بخش اڄڻ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. واقعي بعد زخمي عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري ڊاڪٽرن طرفان کيس ڪراچي منتقل ڪرڻ جي مشوري بعد وارث کيس ڪراچي کڻائي ويا. هوڏانهن زخمي عورت جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ جي بااثر وڏيري گلزار اڄڻ ۽ جان محمد اڄڻ مسمات رضيه مٿان ڪهاڙين جا وار ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو. هنن ٻڌايو ته اسان ڇوڏاهو  پوليس کي بروقت اطلاع ڪيو پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري جوابدار بااثر آهن. هنن چيو ته اسان کي گلزار ۽ جان محمد اڄڻ مان جان ۽ مال جو خطرو آهي اسان کي قتل ڪري اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا جيڪا زمين اسان وڪرو ڪرڻ نٿا چاهيون زمين اسان جي ٻچڙن جو گذر سفر آهي هو اسان کي هر وقت موتمار ڌمڪيون ڏيندا رهن ٿا. هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي انڪوائري ڪرائي اسان کي انصاف سان گڏوگڏ جان جو تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.