ڪراچي: سگا پاران خدمتن جا 50 سال پورا ٿيڻ گولڊن جوبلي تقريب ڪوٺائي وئي

ڪراچي ۾ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن پاران خدمتن جا 50 سال پورا ٿيڻ تي ٽن ڏينهن واري گولڊن جوبلي تقريب ڪوٺائي وئي.

آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ڪوٺايل افتتاحي تقريب ۾ سگا چيئر پرسن مهتاب اڪبر راشدي، اڳوڻي ايم پي اي سورٺ ٿيٻو، قانون واري اڳوڻو سڪريٽري اسلم شيخ سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي سگا چيئر پرسن مهتاب اڪبر راشدي چيو سگا واحد سماجي تنظيم آهي جيڪا هڪ تسلسل سان قاعدن موجب هلي پئي.

هن چيو ته جيڪو ڪم شروع ٿيو رڪيو ناهي سگا بنيادي شين تعليم، صحت، روزگار لاءِ تاريخي ڪم ڪيو آهي.

ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته هنن محنت ڪري هڪ تنظيم جوڙي اڄ ان جون واڳون نوجوانن جي حوالي ڪيون آهن، 70 سيڪڙو نوجوان صحت، ادب، تعليم جي شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.

تقريب کي خطاب ڪندي تاج محمد وساڻ چيو ته سگا 50 سالن کان تعليم لاءِ جاکوڙي پئي، جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ مفت طبي ڪيمپون لڳائي علاج ڪيو آهي.

تقريب کي سگا باڊهه برانچ جي صدر عبدالرزاق سومرو، عبدالله نوناري ۽ ٻين خطاب ڪيو،  جڏهن ته تقريب ۾ ايوارڊ ۽ سوکڙيون پڻ ورهايون ويون ۽ آخر  ۾ موسيقي جي محفل ۾ فنڪارن پنهنجا سر وکيريا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.