نوابشاهه ۾ ڳوٺاڻن جو سرڪاري اسڪول جي استاد جي زيادتين خلاف احتجاج

نوابشاهه ۾ ڳوٺاڻن پاران سرڪاري اسڪول جي استاد جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

تعلقي سٺ ميل جي ڳوٺ اٺ چڪ نيوي جي رهواسين محمود، ڪريم بروهي، بگو جٽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته ڳوٺ جي سرڪاري اسڪول جو استاد صدام بروھي ڳوٺ ۾ قائم ڊسپينسري کي ڊاهي ان جو سامان کڻي ويو آهي، جڏهن ته استاد ڊسپينسري ۾ لڳل وڻ به وڍي وڪڻي ڇڏيا آهن.

ڳوٺاڻن تعليم کاتي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي استاد خلاف ڪارروائي ڪري ڳوٺ جي اسڪول ۽ ڊسپينسري کي وڌيڪ تباهي کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.