مٽياري ويجھو باهه لڳڻ ڪري ڀيل برادري جا 7 گھر سڙي رک

مٽياري ويجھو باهه لڳڻ ڪري ڀيل برادري جا 7 گھر سڙي ويا.

قومي شاهراهه تي ڪوٽ فقير ولي محمد وٽ قائم ڀيل برادري جي گھرن کي اوچتو باهه لڳي وئي.

باهه لڳڻ ڪري ڀيل برادري جي ستن گھرن ۾ پيل الهه تلهه سڙي خاڪ ٿي ويو.

اطلاع تي فائر برگيڊ عملي واقعي واري هنڌ پهچي باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ گھرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو.

باهه واقعي کانپوءِ متاثر سخت گرمي ۾ کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، متاثرن سرندي وارن کان مالي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.