جاپاني موٽرسائيڪلون ٻيهر هزارين رپيا مهانگيون !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جاپاني موٽرسائيڪلون ٺاهيندڙن ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جو ملهه گهٽجڻ تي خام مال جي وڌندڙ قيمت جو حوالو ڏيندي اگهه وڌائي ڇڏيا آهن.

پاڪ سوزوڪي موٽر ڪمپني لميٽڊ پنج هزار کان 9  هزار رپين جي واڌ ڪئي آهي جيڪا پهرين جون کان لاڳو آهي.

جي ڊي 110 ايس جي نئين قيمت 2 لک 12 هزار، جي ايس 150 جي 2 لک 32 هزار، جي ايس 150 ايس اي جي 2 لک 49 هزار رپيا ۽ جي آر 150 جي نئين قيمت 3 لک 39 هزار رپيا وڌائي وئي آهي.

ياماها موٽرسائيڪل پاڪستان لميٽڊ مختلف ماڊلز جي قيمتن م 21 هزار رپين کان 23 هزار 500 رپين تائين واڌ ڪئي آهي جيڪا اڄ کان لاڳو آهي.

واڌ کانپوءِ واءِ بي 125 زي 2 لک 31 هزار 500، واءِ بي آر زيڊ ڊي ايڪس 2 لک 48 هزار 500، واءِ بي آر 125 2 لک 55 هزار، واءِ بي آر جي 2 لک 65 هزار 500 رپيا ۽ واءِ بي آر 125 جي 2 لک 68 هزار 500 رپين جي ٿي وئي آهي.

موٽرسائيڪل ڊيلرز به ريٽ وڌايا هئا ۽ ان کان اڳ هونڊا به اگهن ۾ 9 هزار رپين تائين واڌ ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.