” هڪ معتبر شخصيت وٽ ويو هئس، ان کي ٻڌايو ته تسلسل نه ڏيڻ سان معيشت وکري ويندي“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير سينيٽر شوڪت ترين چيو آهي ته هلندڙ سال مارچ ۾ هڪ معتبر شخصيت ڏانهن ويس، کيس ٻڌايم ته معيشت وڌي رهي آهي، تسلسل نه ڏينداسين ته معيشت وکري ويندي.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شوڪت ترين چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ پهريون دفعو آئي هئي، جيڪا معيشت ملي انڪري اسان آءِ ايم ايف وٽ وياسين، مون آءِ ايم ايف کي چيو ته نه بجلي جا اگهه وڌندا ۽ نه 700 ارب رپين جا ٽيڪسز لڳندا.

هن چيو ته اسان 6 مهينن تائين آءِ ايم ايف اڳيان بيٺا رهياسين، موجودا حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن سبب قيمتون وڌائي رهي آهي.

سينيٽر چيو ته آءِ ايم ايف کين ڏنڊا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا، موجودا حڪومت عوام جي مفاد ائين نه بيٺي جيئن اسان بيٺا رهياسين.

هن وڌيڪ چيو ته مارچ ۾ هڪ معتبر شخصيت وٽ ويس، مون چيو ته معيشت وڌي رهي آهي، تسلسل نه ڏينداسين ته معيشت وکري ويندي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر شوڪت ترين مطالبو ڪندي چيوته موجودا حڪومت استيعفي ڏئي ۽ فوري چوندون ڪرايون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.