عمران جي بيان تي شيري رحمان سخت ردعمل ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان ادارن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ وائکو ٿي ويو .

ٻئي پاسي سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جا ٽڪرا ڪرڻ جو اعلان ڪندڙ هر زبان ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي.

اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ پي ٽي آءِ چيئرمين کان بيان واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

هوڏانهن مخالف ڌر اڳواڻ خواجه رياض چيو آهي ته اقتدار جي لالچ ۾ عمران خان ڪريل حرڪتن تي لهي آيو آهي.

اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي چيو ته اقتدار جي هوس ۾ عمران خان ملڪ کي انارڪي ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته نه ڪو پاڪستان کي ٽوڙي سگهي ٿو ۽ نه ورهائي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.