سول ايوي ايشن ملازم گڏهه گاڏي تي آفيس اچ وڃ ڪندو !

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تيل اگهن جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي کانپوءِ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ملازم انوکو قدم کنيو آهي.

سي اي اي ملازم طرفان تيل اگهن جي قيمتن ۾ واڌ سبب گڏهه گاڏي تي آفيس وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مقرر سول ايوي ايشن ملازم راجا آصف اقبال انتظاميا کان گڏهه گاڏي جي پارڪنگ لاءِ اجازت گهري ورتي آهي.

ملازم ڊي جي سول ايوي ايشن وٽ گڏهه گاڏي جي آفيس اچڻ ۽ گڏهه گاڏو پارڪنگ ۾ بيهارڻ لاءِ جاءِ ڏيڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

سول ايوي ايشن ملازم درخواست ۾ لکيو آهي ته مهانگي پيٽرول ۽ ٻين شين جي مهانگائي سبب اداري ٽرانسپورٽ جي سهولت بند ڪري ڇڏي آهي، تيل اگهن ۾ واڌ سبب ذاتي ٽرانسپورٽ آڻڻ به ممڪن ناهي.

ملازم درخواست ۾ وڌيڪ چيو آهي ته مهرباني ڪري مون کي منهنجو گڏهه گاڏو ايئرپورٽ آڻڻ جي اجازت ڏني وڃي.

ٻئي پاسي سول ايوي ايشن ترجمان خط جي جواب ۾ چيو آهي ته سمورن ملازمن کي فيول الائونس ملي ٿو، پڪ اينڊ ڊراپ جي سهولت به موجود هوندي آهي.

ترجمان موجب اسلام آباد ايئرپورٽ تي ميٽرو بس سروس به هلي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.