”ملڪ جا 3 ٽڪرا ڪرڻ واريون ڳالهيون عمران خان بدران ڪو قومپرست اڳواڻ ڪري ها ته ڇا ٿئي ها؟ “

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بچاءُ واري وزير خواجه آصف سوال اُٿاريندي چيو آهي ته عمران خان جهڙيون ڳالهيون جيڪڏهن ڪنهن قوم پرست اڳواڻ ڪيون هجن ها ته ڇا ٿئي ها.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهه ٻولهه دوران ان سوال تي ته ڇا سليمان شهباز کي وزيراعظم سان سرڪاري دورن تي وڃڻ بدران پاڪستان اچي ڪيسن کي منهن ڏيڻ گهرجي؟ جنهن تي خواجه آصف چيوته ائين ٿيڻ گهرجي ۽ ائين ضرور ٿيندو.

هن چيو ته عمران خان جهڙيون ڳالهيون جيڪڏهن ڪنهن قوم پرست اڳواڻ ڪيون هجن ها ته  ڇا ٿئي ها؟ پوءِ به عمران خان جي خلاف غداري جا ڪيس نه ٺاهڻ گهرجن، عمران خان کي پاڻ کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.