ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سدرا امين ۽ منيبا علي سريلنڪا خلاف ٻي هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ پاڪستان پاران پهرين وڪيٽ تي سڀ کان وڏي ڀائيواري قائم ڪري ڇڏي.
پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ ٽيم پاران پهريون ڀيرو اوپننگ ڀائيواري ۾ سنچري ٺاهي ۽ ٻنهي شروعاتي بيٽرز وچ ۾ 158 رنز جي ڀائيواري قائم ٿي.
سدرا امين ۽ منيبا علي 213 بال کيڏيا، ٻنهي بيٽرز وچ ۾ انهن بالن تي اها پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڀائيواري آهي.
ان کان اڳ پاڪستان جي سڀ کان بهترين اوپننگ ڀائيواري 96 رنز هئي جيڪا جويريا خان ۽ ناهيدا قائم ڪئي هئي..
گڏيل طور تي ڪنهن به پاڪستاني ويمن جوڙي پاران هي ٻئين ڀائيواري آهي.