بندش پيل تنظيم ٽي ٽي پي ايندڙ حڪم تائين جنگبندي ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪابل ( ويب ڊيسڪ) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پاڪستان حڪومت جي گرينڊ جرڳي ۽ پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي وچ ۾ ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

ذريعن موجب ٽي ٽي پي پاڪستان گرينڊ جرڳي سان ڳالهين بابت پريس ريليز جاري ڪري ڇڏي، ترجمان موجب ٽي ٽي پي ۽ گرينڊ جرڳي وچ ۾ ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي، جنهن مطابق ٽي ٽي پي ايندڙ حڪم تائين جنگبندي ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پڌرائي موجب ٻن ڏينهن کان ڪابل ۾ پاڪستان حڪومت جي جرڳي سان ڳالهيون جاري هيون، گرينڊ جرڳو، پشتون قوم، قبائلي نمائندن ۽ عالمن تي ٻڌل هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.