پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ حڪومت غريب عوام لاءِ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت پيٽروليم شين وارن اگهن ۾ واڌ کانپوءِ غريب عوام لاءِ قدم کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته 35 کان 40 هزار رپيا ڪمائيندڙ کي پنهنجي ٽرانسپورٽ لاءِ ٻه هزار رپيا وضيفو ڏنو ويندو،وزيراعظم چيو آهي ته هڪ رپئي جو بار به غريب تي نه پوڻ ڏينداسين.

مصدق ملڪ چيو ته هن وقت هر 6 مان 4  خاندانن جي آمدني 37 هزار کان گهٽ آهي، هر غريب خاندان کي پنهنجون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ 2 هزار ڏنا پيا وڃن، 40 هزار رپين تائين جي آمدني وارن غريب فردن کي سهولت ڏئي رهيا آهيون ته جيئن هو پنهنجي مرضي سان اها رقم خرچ ڪري سگهن.

مملڪتي وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي ويب سائيت تي عمران خان جو معاهدو اڄ به پيو آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ پيٽروليم شين جا جيترا اگهه وڌائڻا هئا اهي وڌائي ڇڏيا آهن.

هڪ سوال جي جواب هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ختم ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ تڏهوڪي توانائي واري وزير هڪ خط لکيو هو جنهن ۾ روس سان واپاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ پيٽروليم شين واري شعبي ۾ واپار جي درخواست ڪئي وئي هئي پر ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ نه ڪو معاهدو آهي ۽ نه ئي ڪنهن مفاهمت جي يادداشت تي صحيحيون ٿيون آهن، جيڪڏهن 30 سيڪڙو سستو تيل ملي رهيو هو ته پي ايس او جي ٽينڊر ۾ ڇو نٿو اچي؟

هن چيو ته نه ان وقت جي توانائي واري وزير جي خط جو جواب روس ڏنو ۽  اسان جي سفير جڏهن روس جي توانائي واري وزير سان ملاقات ڪئي ته ان ان ڏس ۾ ڪو به جواب نه ڏنو.

مصدق ملڪ چيو ته عمران خان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڏنل سبسڊي جي قيمت اڄ قوم ادا ڪري رهي آهي، عمران خان جيڪا سبسڊي ڏني ان جي منظوري ڪنهن کان نه ورتي، اسان ليوي ناهي وڌائي، ان جو بار اسان کنيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.