غربت ختم ڪرڻ اسان جو هدف آهي: وزيراعظم

 وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جي سرڪاري ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته اسان جو هدف غربت جو خاتمو ڪرڻ آهي، مسئلن کي گهٽ وقت ۾ ختم نٿا ڪري سگهون .

انٽرويو ۾ شهباز شريف چيو ته ڪمزور طبقي جي ڏکيائيون گهٽائي رهيا آهيون، عوام جو سوچڻ بنا روڊن تي نڪرڻ جو تصور به نٿا ڪري سگهون، عوام وڏي دٻاءُ ۾ آهي، سندن جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي.

سندس چوڻ هوته عوام جي خدمت کانسواءِ سياست سياست ناهي ۽ حڪومت حڪومت ناهي، ڏکيون حالتون اسان لاءِ چيلينج آهن.

وزيراعظم چيو ته ٻين ادارن سان ڳالهائڻ کان اڳ ۾ انساني همدردي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، مسئلن کي گهٽ وقت ۾ ختم نٿا ڪري سگهون ۽ اسان جو هدف غربت جو خاتمو ڪرڻ آهي، اسريل ملڪ به مهانگائي تي ظابطو آڻڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

صحافي طرفان چونڊن بابت ڪيل سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته 15 مهينن کانپوءِ چونڊون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.