ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ديا مرزا 47 ڊگري سينٽي گريڊ گرميءَ ۾ برقعو پهري نڪري پئي جيڪي تصويرون انٽرنيٽ تي وائرل ٿي ويون آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ ديا مرزا انسٽاگرام تي نئين پراجيڪٽ ڌڪ ڌڪ جون تصويرون شيئر ڪيون هيون جنهن ۾ اداڪارا کي برقعو پهريل هو.
هڪ تصوير ۾ ديا مرزا کي برقعو پهريندي خوشي ۾ عورت کي ڀاڪر پائيندي به ڏسي سگهجي پيو.
تصوير جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته ههڙي گرمي جو هڪ ئي علاج آهي جيڪو آهي پيار.
ٻي تصوير ۾ کيس موٽرسائيڪل سان زمين تي ويٺي ڏسي سگهجي ٿو.
ديا مرزا پنهنجي پوسٽ ۾ فلم ڌڪ ڌڪ جو هيش ٽيگ به استعمال ڪيو.
اداڪارا فلم جي شوٽنگ ۽ پراڊڪشن جي سلسلي ۾ تقريبن ۾ شرڪت ڪري رهي آهي.