پيٽرول مهانگو ٿيڻ تي عوام مڇرجي پيو، پمپ تي ڪاهه، ڀڃ ڊاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تيل اگهن ۾ 30 رپيا واڌ تي ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ عوام مڇريل نظر آيو.

هفتي ۾ تيل اگهن جي قيمت ۾ 60 رپيا واڌ تي عوام طرفان سخت رد عمل ظاهر ڪيو ويو.

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ روڊن تي ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو ويو، سبزي منڊي ويجهو هڪ پمپ تي ماڻهن ڀڃ ڊاهه به ڪئي.

اسلام آباد ۾ به هڪ پيٽرول پمپ تي عوام ۽ عملو هٿين پئجي ويا، ڪيترن ئي علائقن ۾ منافعي خورن پمپ ٻارهين وڳي کان اڳ ئي بند ڪري ڇڏيا هئا جنهن سبب شهرين کي سستو پيٽرول نه ملي سگهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.