ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تيل اگهن ۾ واڌ کانپوءِ انٽرسٽي، انٽرا سٽي بسن ۽ رڪشن جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
مسافرن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ کانپوءِ رڪشي ۾ ڪجهه پنڌ تي به ڏيڍ سئو رپيا ڀاڙو ورتو پيو وڃي.
رڪشي ڊرائيورن جو موقف آهي ته پيٽرول جي قيمت وڌڻ سان سواري گهٽجي وئي آهي ۽ مسافر گهٽ ڀاڙو ڏيڻ تي زور ڀرين ٿا.
ٻئي پاسي انٽرسٽي بس جي ڪرائي ۾ 100 کان ڏيڍ سئو رپيا واڌ ڪئي آهي جڏهن ته شهر ۾ هلندڙ بسن ۽ ڪوچز پنهنجو ڪرايو 15 کان 20 سيڪڙو وڌائي ڇڏيو آهي.