اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف بچت لاءِ سخت اپاءَ وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا ميمبرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي مفت پيٽرول جي ڪٽوتي جو فيصلو ڪيو آهي.
ياد رهي ته ملڪ ۾ گذريل هڪ هفتي ۾ تيل اگهن ۾ 60 رپيا في ليٽر واڌ ٿي آهي
تيل اگهن ۾ واڌ کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيرن ۽ آفيسرن جي ڪوٽا 40 سيڪڙو گھٽ ڪري ڇڏي آهي.