” ملڪ معاشي بحران ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ سياستدان ٽي وي ٽي وي کيڏي رهيا آهن“

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته باپ جو حقيقي باپ به سوچيندو هوندو هي ڇا ٿي ويو آهي.

 شيخ رشيد چيو آهي ته ملڪ معاشي بحران ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ سياستدان ٽي وي ٽي وي کيڏي رهيا آهن،

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته راڻا ثناءُ الله ملڪ ۾ بدمعاشي مچائي رکي آهي، هن ٽي دفعا منهنجي ڀيڻن جي گهر تي ڇاپو هڻايو آهي پر کيس ياد رکڻ گهرجي ته حڪومت سدائين ناهي رهندي.

پ پ چيئرمين بابت سوال تي شيخ رشيد چيو ته پرڏيهي وزير اڃا تائين پرڏيهي دورن تي آهي، پنهنجي ناهي ويو، عمران خان ايترا دورا ٽن ورهين ۾ نه ڪيا جيترا انهن ٻن مهينن ۾ ڪيا آهن.

ملڪ ۾ جاري مهانگائي بابت ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته جون هي جيڪا قيامت جهڙي مهانگائي ڪري رهيا آهن عوام ان خلاف روڊن تي هوندو ۽ حڪومت گهر ڀيڙي ٿيندي.

شيخ رشيد چيوته اسان جي حڪومتي دور ۾ ڪنهن فرد خلاف هڪ به ايف آءِ ار نه ڪٽي وئي، باپ جو حقيقي باپ به سوچي رهيو هوندو ته هي ڇا ٿي ويو آهي، هاڻي عمران خان روڊن تي هوندو ۽ پوري قوم ساڻس گڏ هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.