غلام نبي ميمڻ آءِ جي سنڌ ۽ جاويد اوڍو اي آءِ جي ڪراچي مقرر

ڪراچي ( رپورٽر ) وفاقي حڪومت پاران سنڌ حڪومت سان مشاورت ڪرن بعد ايڊيشنل آءِ  جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ کي آئي جي سنڌ مقرر ڪري ڇڏيو جڏهن ته سندس جاءِ تي جاويد عالم اوڍو کي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.  وفاقي ڪابينا ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل (اي آءِ جي) ڪراچي غلام نبي ميمڻ کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. پوليس سروس آف پاڪستان جو 21هين گريڊ جو آفيسر غلام نبي ميمڻ هن وقت ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو هو، سندس جاءِ تي جاويد عالم اوڍو مقرر ڪيو ويو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.