اسٽور کي باهه تي ضابطو، عمارت خطرناڪ قرار، مالڪن تي ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ جيل چورنگي تي رهائشي عمارت ۾ قائم ڪيل ڊپارٽمينٽل اسٽور کي لڳل باهه کي وسائڻ جون ڪارروائيون ڪالهه ٻئي ڏينهن به جاري رهيون، ڪمشنر ڪراچي ڪالهه واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي بلڊنگز ڪنٽرول کاتي جي اهلڪارن کيس بريفنگ ڏني. چيو ويو ته باهه انتهائي شديد هئي جنهنڪري رهائشي عمارت گهڻي حد تائين ڪمزور ٿي وئي آهي، بلڊنگ رهواسين کان خالي ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جيل چورنگي تي موجود ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ باهه جي واقعي جو ذميوار اسٽور مالڪن کي قرار ڏنو، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پوليس اختيارين کي خط لکي ڊپارٽمينٽل اسٽور مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته ڊپارٽمينٽل اسٽور مالڪن سمعيه برج ويو عمارت ۾ انڊر گرائونڊ گودام ٺاهيو، جڏهن ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ان کي پارڪنگ لاءِ منظور ڪيو هو. خط موجب اسٽور مالڪن جي غير قانوني عمل سبب لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون، فوري طور باهه تي ضابطو نه آڻڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيا زخمي ٿيا، خط ۾ چيو ويو آهي ته اسٽور مالڪن عديل اقبال، فراز اقبال، فهد اقبال، اقبال اي غفار ۽ سندس پٽن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، اهڙي درخواست بعد اسٽور مالڪن عديل، فراز ۽ فهد خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٻي طرف ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته باهه تي ضابطو آندو ويو آهي، ڏکيائين باوجود بهادر فائر فائيٽر جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، هوڏانهن عمارت جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪهڙن بنيادن تي عمارت ڪيرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي؟ وڏو وزير اسان کي صرف 10 منٽ ڏي ڳالهيون ڪري ٻي صورت ۾ روڊن تي اينداسين. ياد رهي ته باهه ۾ فوت ٿيل نوجوان جي نوڪري جو پهريون ڏينهن هو جيڪو آخري ثابت ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.