سپر اسٽور جي پارڪنگ کي گدام طور استعمال ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس راشده اسد تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ جيل چورنگي تي خانگي اسٽور  کي باهه ڏيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران انڪشاف ٿيو ته خانگي اسٽور جي عمارت ۾ پارڪنگ کي گودام جي طور استعمال ڪيو پيو وڃي، ايس بي سي اي عمارت ۾ پارڪنگ جي جاءِ تي گودام استعمال ڪرڻ تي خاموشي اختيار ڪئي آهي، درخواستگذار جي وڪيل سارا ڪنول چيو ته درخواست تي عمل ٿي ها ته ٻاهه نه لڳي ها، پارڪنگ جي جگهه تي گودام هجڻ ڪري بلڊنگ جو بنياد ڪمزور ٿي ويو. وڪيل محمد شاهد چيو ته باهه سبب هڪ نوجوان جيڪو نوڪري جو ليٽر وٺڻ آيو هو سو سڙي فوت ٿي ويو، عدالت درخواست گذار، اين جي او جي ميمبرن کان ڪوائف نامو طلب ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.