ڪراچي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ فائرنگ، هڪ نوجوان قتل

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم هٿيار بندن  اوڪرنس اسٽيٽ ايجنسي تي ويٺل 30 ورهين جي خيال محمد پٽ ايوب خان کي سڌيون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن ڪراچي جي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي پوليس گٽڪو سپلائي ڪندڙ هڪ جوابدار برڪت پٽ عنايت کي گرفتار ڪري سندس وٽان 5 ڪلو گٽڪو ، هڪ موبائيل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي آهي. ٻئي پاسي  تيموريه ٿاڻي جي پوليس مقابلي ۾ هڪ مبينه ڏوهاري مارجي ويو آهي جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.