عمران خان ذهني ڏيوالپڻي جو ثبوت ڏنو آهي: ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر)بلديات جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي، ته عمران خان ايٽمي اثاثن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي حوالي سان بيان ڏئي پنهنجي ذهني ڏيوالپڻي جو ثبوت ڏنو آهي. هڪ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پارٽي سربراهه لاءِ ان قسم جا بيان غيرمناسب آهن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾  هن عمران خان جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي، ته عمران خان اقتدار جي هوس ۾ انڌو ۽ سيڪيورٽي رسڪ بڻجندو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.