خيرپور ۾ ٻين صوبن جا 30 ماڻهو ڀرتي ٿيڻ جو انڪشاف

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ۾ ٻين صوبن جي رهواسين کي پرائمري ٽيچر طور ڀرتي ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان حوالي سان  ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيھه کان وڌيڪ اهڙا استاد سامهون آيا آهن جن جو مستقل پتو ٻين صوبن جو آهي، جن مبينه طور تي رشوت ڏئي يا جڳاڙي طريقي سان خيرپور جي مختلف علائقن مان رهائشي سرٽيفڪيٽ وٺي هتان جا ڊوميسائل ٺهرائي ٽيسٽن ۾ شامل ٿيا، ان حوالي سان خيرپور جي ساڃاهه وندن پاران سخت ردعمل ظاهر ڪيو پيو وڃي ۽ اهو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته معاملي جي جاچ ڪرائي اهڙا جعلي ڊوميسائيل رکندڙ اميدوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ڇوته جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتي ٿيندڙ مقامي نوجوانن جو حق ماري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.