نوابشاهه ۾ پ پ جو عمران خان خلاف احتجاج

نوابشاھ(رپورٽ: ايم بي چانڊيو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر پاڪستان آصف علي زرداري پاران عمران خان  طرفان پاڪستان جي سالميت پاڪ آرمي خلاف زھر اوڳاڇڻ ۽ ملڪ دشمن بيان جي خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪارڪنن کي پر امن احتجاجي مظاھرا ڪرڻ واري ھدايت بعد نوابشاھ ۾ پ پ جي جيالن ڪارڪنن زيلي تنظيمن پاران ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، راشد چانڊيو، سٽي صدر خان بھادر ڀٽي، عاطف زيدي، ليڊيز ونگ جي مھر افشان ميمڻ، عذرا بلوچ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي نوابشاھ پريس ڪلب ٻاھران ڌرڻو ھنيو ويو انھي موقعي تي ڪاڏي ويو ڀڄي ويو، غدار آ غدار آ عمران نيازي غدار آ جا ڪارڪنن اڀڏاريندڙ نعرا ھنيا ،اڳواڻن چيو ته عمران خان نيازي ڪُرسي کسجڻ کانپوءِ پنھنجو ذھني توازن وڃائي چڪو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.