پاڻي کوٽ باوجود تونسا ۽ گڊو بئراج وچ ۾ 25 هزار ڪيوسڪ پاڻي چوري ٿي رهيو آهي: سنڌ آبادگار اتحاد

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار اتحاد پاڻي کوٽ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته تونسا ۽ گڊو بئراج وچ ۾ 25 هزار ڪيوسڪ پاڻي چوري ٿي رهيو آهي، رينجرز جي مقرري باوجود پڇڙي جا آبادگار پاڻي کان  محروم آهن، ٽيل جي آبادگارن کي مانيٽرنگ جو حصو بڻايو وڃي. اهڙو اظهار سنڌ آبادگار اتحاد جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، اجلاس صدر نواب زبير ٽالپر جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ محمد انوار ڪمبوه، محمد جاويد رياڙ، مير ظفر الله ٽالپر، عبدالرحيم درس، محب علي مري، محمد شريف نظاماڻي، عبدالحق زئنور ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ بابت غور ويچار ڪندي چيو ويو ته پاڻي جي شديد کوٽ باوجود تونسا ۽ گڊو بئراج جي وچ ۾ 25 هزار ڪيوسڪ پاڻي چوري ٿي رهيو آهي جنهن جي ذميواري سنڌ حڪومت مٿان آهي، گڊو بئراج تي دستاب پاڻي جي به منصفاڻي ورڇ نه پئي ٿئي هڪ پاسي وڏن زميندارن جي 100 سيڪڙو پوکي ٿي رهي آهي ته ٻئي پاسي ننڍن آبادگارن لاءِ پيئڻ جو به پاڻي ميسر ناهي، جيڪو سراسر ظلم آهي، بااثر زميندار رينجرز جي مقرري باوجود پاڻي چوري ۾ ملوث آهن جنهن لاءِ ضروري آهي رينجرز جي مانيٽرنگ ۾ ٽيل جي آبادگارن کي شامل ڪيو وڃي، اجلاس ۾ چيو ويو ته ڦليلي ڪينال ۾ به جيڪو پاڻي موجود آهي ان جي ورهاست به درست طريقي سان نه پئي ٿئي اڪثر علائقن ۾ هن وقت به پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي، اجلاس ۾ تونسا ۽ گڊو جي وچ ۾ سال اندر  پنجاب طرفان 5 لک ايڪڙ فٽ پاڻي چوري ڪرڻ بابت چيو ويو ته پنجاب طرفان چوري ڪيل سنڌ جي حصي جي پاڻي جو ازالو ڪيو وڃي، آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري پاڻي جي نگراني جو عمل سخت ڪيو وڃي، اجلاس ۾ چيو ويو ته رينجرز جي مقرري کانپوءِ به پاڻي جي صورتحال بهتر نه ٿي سگهي آهي ان جو سبب آبپاشي کاتي جي آفيسرن طرفان رينجرز کي غلط بياني ڪرڻ آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.